ڪراچي(رپورٽر) پيپلزپارٽي ايم پي اي شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ وڏي وزير جي چونڊ جو طريقيڪار مڪمل ٿيندو، جيتريون به جماعتون اسيمبلي ۾ موجود آهن، اسان سڀني سان رابطو ڪيو، هن وقت سڀ کان وڌيڪ اهميت استحڪام جي آهي.سنڌ اسيمبلي ميڊيا ڪارنر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪنهن کي ڪنهن به قسم جي تلخ سياست کان پاسو ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس اڃا تائين ناهي گهرايو ويو، صدر عارف علوي غير قانوني ۽ غير آئيني طور اجلاس طلب ڪرڻ ۾ دير جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، صدر ۽ هڪ اڳوڻو وزيراعظم آءِ ايم ايف کي خط لکي رهيا آهن، انهيءَ ڪوشش ۾ آهن ته ڪنهن طرح پاڪستان جي عوام ۽ معيشت کي نقصان پهچائي سگهجي.افسوس جوڳي ڳالهه آهي ته هي ماڻهو ڏڦير پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن بعد ۾ اسيمبلي اجلاس کي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اميد آھي ته وڏو وزير مراد علي شاهه سڀني کي گڏ کڻي هلندو.ھن وڏي وزير مراد علي شاهه، اويس قادر شاهه، آغا سراج دراني ۽ ٻين کي واڌايون ڏنيون.