لاڙڪاڻي جي ضلعي سيشن جج جي احتجاجن استعيفيٰ

ڪراچي/لاڙڪاڻو(رپورٽ:ماريا اسماعيل+عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي جي ضلعي سيشن جج شرف الدين شاھ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس  سليم جيسر جي رويي خلاف عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي،لاڙڪاڻي جي ضلعي سيشن جج شرف الدين شاھ استعيفيٰ رجسٽرار سنڌ هاءِ ڪورٽ ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي،جنهن ۾ هن لکيو ته جسٽس سليم جيسر ايڊيشنل رجسٽرار جي معرفت پيغام اماڻيو ته ميڊيڪل کان سواءِ پٽيوالي جي نوڪري ڏني وڃي. استعيفيٰ جي متن موجب جسٽس سليم جيسر ضابطن خلاف نوڪري نه ڏيڻ تي ناراض آهي ، جسٽس سليم جيسر جو سيڪريٽري محمد ملوڪ منهنجي آفيس آيو ۽ مون کي نوڪري نه ڏيڻ تي ڌمڪيون ڏنيون.جسٽس سليم جيسر جي انسپيڪشن دوران ايڊيشنل رجسٽرار جونيئر هجڻ باوجود مون کي هدايتون ڏيندو رهيو.جسٽس سليم جيسر جي جاچ دوران لکيل نوٽيس به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويا.هن لکيو ته  انسپيڪشن دوران ثبوتن کانسواءِ منهنجي خلاف غلط نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.انسپيڪشن دوران لکيل نوٽيس به منهنجي ذاتي فائل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. 27سالن کان عدليه جو حصو آهيان، هن ذلت واري ماحول ۾ ڪم نٿو ڪري سگهان

  1. شرف الدين شاهه جي استعيفيٰ چيف جسٽس لاءِ ٽيسٽ ڪيس؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) ناليواري صحافي اعزاز سيد چيو آهي ته لاڙڪاڻي جي سيشن جج غيرقانوني طور پٽيوالو مقرر ڪرڻ کان انڪار ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سليم جيسر سيشن جج شرف الدين شاهه جي  انسپيڪشن لاءِ ايڊيشنل سيشن جج  سليم الله قريشي کي موڪلي ڇڏيو جيڪو هن کان جونيئر آهي،هن ان  تي اعتراض ڪيا، توهان وٽ ڪيسن جو انگ وڌيڪ آهي،پوءِ هن کي ڪو نوٽيس به جاري ڪيو ويو جيڪو مقامي ميڊيا ۾ هلايو ويو جنهن تي سيشن جج شرف الدين شاهه کي ڏک پهتو ته مان ته اصول تي بيٺو آهيان،ميرٽ جي ڳالهه ڪئي آهي مون کي ان طرح سان تنگ ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته سليم الله قريشي رابطي باوجود جواب نه ڏنو، جسٽس سليم جيسر  به پنهنجو موقف ڏئي سگهي ٿو، هن چيو ته منهنجو خيال آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ان معاملي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ ان جي جاچ ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن شرف الدين شاهه اصول جي بنياد تي استعيفيٰ ڏني آهي ته هن کي استعيفيٰ واپس وٺرائي وڃي، هن چيو ته جسٽس سليم جيسر جي منشي به سيشن جج کي ڌمڪيون ڏنيون آهن، صحافي آصف بشير چوڌري چيو ته چيف جسٽس پاڪستان کي به نوٽيس وٺڻ گهرجي، آزاد انڪوائري ٿيڻ گهرجي،جيڪڏهن اهي ڳالهيون ثابت ٿين ته هاءِ ڪورٽ جي جج کي هٽائڻ گهرجي،عدليه سڌارا چاهي ٿي ته شرف الدين شاهه جو ڪيس ٽيسٽ ڪيس آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.