ايف بي آءِ جا هزارين ملازم ٽيڪس ريٽرن جمع ناهن ڪرائيندا: سينيٽر مشتاق

اسلام آباد (م ڊ) سينيٽ اجلاس ۾ خطاب ڪندي جماعت اسلامي اڳواڻ مشتاق خان دعويٰ ڪئي آهي ته فيڊرل بورڊ آف روينيو ايف بي آر  جا 10 هزار ملازم ٽيڪس ريٽرن جمع ناهن ڪرائيندا، ايوان ۾ خيالن جو اظهار ڪندي سينيٽر مشتاق احمد خان چيو ته سرڪاري ملڪيتي ادارا عوام جي ٽيڪس جا 458 ارب رپيا کائي رهيا آهن، انهن سرڪاري ملڪيتي ادارن جي ڪارڪردگي زيرو آهي، سرڪاري ادارا عوام کي سهولت ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن، موجوده ماڊل غريبن کان ماني جو گرهه کسڻ ۽ اميرن کي نوازڻ وارو آهي، هن چيو ته ايف بي آر جا 10 هزار ملازم ٽيڪس ريٽرن جمع ناهن ڪرائيندا، پاڪستان ۾ غربت وڌي رهي آهي، ادارن کي بهتر ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.