اسلام آباد(م ڊ) صدر عارف علوي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي سمري رد ڪري واپس موڪلي ڇڏي آهي.ذريعن موجب صدر عارف علوي موقف اختيار ڪيو آهي ته پهرين عورتن ۽ اقليتن جي سيٽن کي مڪمل ڪيو وڃي،هوڏانهن اسپيڪر راجا پرويز اشرف قومي اسيمبلي جو اجلاس 29 فيبروري تي طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جو فيصلو قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ ٿيل هنگامي اجلاس ۾ ڪيو ويو.جڏهن ته قومي اسيمبلي سيڪريٽري 29 فيبروري تي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي ورتو آهي، اجلاس صبح جو ڏهين بجي ٿيندو. اجلاس ۾ آئين جي آرٽيڪل 91 جي شق 2 تحت اجلاس طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي آفيسرن ۽ آئيني ماهرن سان مشاورت ڪئي. اجلاس ۾ صدر پاران سمري تي صحيح نه ڪرڻ سبب پيدا ٿيل صورتحال جو جائزو ورتو ويو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پارلياماني معاملن واري وزارت ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت سان به مشاورت ڪئي.ذريعن موجب بريفنگ ۾ اسپيڪر کي ٻڌايو ويو ته آئين موجب اجلاس 29 فيبروري تائين گهرائڻ کانسواءِ ملتوي نٿو رکي سگهجي،آئيني ماهرن موجب سمري تي صدر دستخط نه ڪرڻ سبب اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ ۾ ڪا رڪاوٽ ناهي، صدر جو اختيار آهي ته 21 ڏينهن کان اڳ اجلاس گهرائڻ جو آهي،هوڏانهن قانون واري اڳوڻي وزير خالد رانجها بي بي سي کي ٻڌايو ته صدر عارف علوي هن وقت هڪ پارٽي جي لائن تي هلي رهيو آهي پر صدر وٽ اهي آئيني اختيار آهن ته هو سمري تي فيصلو ڪرڻ جي ڏس ۾ پنهنجو وقت وٺي، ان کي رد ڪري يا منظوري کان بغير واپس موڪلي ڇڏي، هن چيو ته اسپيڪر وٽ اهڙو ڪو به آئيني ۽ قانوني اختيار ناهي ته هو صدر جي هوندي قومي اسيمبلي اجلاس طلب ڪري سگهي