ٺاروشاهه ڀرسان زميني تڪرار تان جهيڙو ڀڙڪي پيو، هڪ ڄڻو قتل

نوشھرو فيروز/ مٺياڻي (رپورٽ: عتيق الرحمان وسطڙو/ امير علي ملڪ ) ٺاروشاھ ڀرسان ڪوٽ مٺا ٿاڻي جي حد ڀورٽي ۾ ڀرٽ برادري جي  ٻن ڌرين ۾ هلندڙ زميني تڪرار ٻيھر ڀڙڪي اٿيو، شروع ٿيل رت جي راند ۾ وڌيڪ ڄڻو گوليون هڻي عبدالحفيظ ڀرٽ قتل ڪيو ويو، واٽهڙو شاهنواز سخت زخمي ٿي پيو، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، ڪوٽ مٺا ٿاڻي جي حد ڀورٽي ۾ ڀرٽ برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪجھه وقت اڳ زميني تڪرار تان شروع ٿيل رت جي راند ۾ وڌيڪ هڪ ڄڻو عبدالحفيظ ڀرٽ گولين جو کاڄ بڻجي ويو، جڏهن ته هڪ ڄڻو رستي ويندڙ شاهنواز سخت زخمي ٿي پيو، ڪوٽ مٺا پوليس واقعي واري هنڌ پھچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، ھن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 کان وڌيڪ ماڻهو قتل ٿي چڪا، 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.