نصيرآباد ۾ استاد هدايت لوهار جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج ، ريليون

نصيرآباد (رپورٽ: بشير احمد بروهي) نصيرآباد جي مقتول قومپرست ڪارڪن ۽ استاد جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ ۽ ايف آءِ  آر داخل نه ڪرڻ خلاف ٻئي ڏينھن به احتجاجي ريليون، سوين ماڻھو شريڪ، نصيرآباد ۾ ڏينھن ڏٺي جو وچ شھر ۾ ٿاڻي جي سامھون هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل قومپرست ڪارڪن ۽ استاد هدايت لوهار جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ ۽ ايف آءِ آر  داخل نه ڪرڻ خلاف ٻئي ڏينھن به جسٽس فار هدايت لوهار ايڪشن ڪميٽي ۽ پ ٽ الف طرفان ڌار ڌار  احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون، نوناري پاڙي کان جسٽس فار هدايت لوهار ايڪشن ڪميٽي ۽ مين پرائمري اسڪول کان پ ٽ الف طرفان ريليون ڪڍيون ويون، ريليون شھر جي مختلف رستن تان ٿينديون آرٿر پل وٽ پھتيون جتي مقتول هدايت لوهار جي قتل خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، اڳواڻن سورٺ لوهار، ضمير مغيري، احمد علي واهوچو، عبدالوهاب بروهي، وحيد سيھڙ  بخت جتوئي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سائين هدايت لوهار کي قتل ٿئي 8 ڏينھن گذري ويا پرافسوس جو هن مھل تائين قاتل گرفتار ٿيڻ ته پري پر مقتول جي ايف آءِ آر به داخل نه پئي ڪئي وڃي هنن چيو ته ظلم جي انتھا آهي جو نصيرآباد ٿاڻي جي سامھون وچ شھر ۾ هڪ استاد قتل ٿي ويو پر پوليس ٿاڻي کان ٻاهر نڪري جاچ لاءِ به زحمت نه ڪئي، هنن مطالبو ڪيو ته مقتول هدايت لوهار جي قاتلن کي فوري طور گرفتارڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جاري رهندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.