بئريسٽر گوهر خلاف بيان، پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرافضل مروت کي شوڪاز جاري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف نئين چونڊيل ايم اين اي شير افضل مروت کي شوڪاز نوٽيس جاري ڇڏيو.
شير افضل مروت گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته بئريسٽر گوهر کي انٽرا پارٽي اليڪشن لاءِ چيئرمين شپ تان انڪري هٽايو ويو ڇڪاڻ ته سندس ڪارڪردگي تسلي بخش نه هئي.
هاڻ پي ٽي آءِ طرفان شير افضل مروت کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اوهان جي بيان سبب ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي.
شوڪاز نوٽيس ۾ پي ٽي آءِ طرفان شير افضل کي ٻن ڏينهن اندر معافي نامو جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي چيو ويو آهي ته تسلي بخش جواب نه ڏيڻ جي صورت ۾ پارٽي پاليسي موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.