سر سيد يونيورسٽي جي انتظام هيٺ ايڪٽيو پراجيڪٽ ميٽنگ ۽ نصاب سازي تي ورڪشاپ

ڪراچي (پ ر) سر سيد يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي انتظام هيٺ يورپي يونين جي سرپرستي هيٺ قائم ڪيل ايڪٽو پراجيڪٽ جي ڪنسورشيم پارٽنرز جي هڪ آن لائن ميٽنگ ۽ نصاب سازي جو جائزو وٺڻ لاءِ پهريون ٽن ڏينهن وارو ورڪشاپ ڪرايو ويو جنهن ۾ سر سيد يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ولي الدين، اسپين جي مالاگا يونيورسٽي جي پروفيسر اينرڪ ناوا، پروفيسر ميهائي سيوڪ، ڊاڪٽر ڪپل ديو، ايڪٽنگ رجسٽرار زبير حميدي، روسا ڪليات، شعبن جي سربراهن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سيشن کي خطاب ڪندي سر سيد يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ولي الدين چيو ته سر سيد يونيورسٽي نئين نسل جي مستقبل کي سنوارڻ لاءِ جغرافيائي حدبندين کان مٿانهون ٿي نه رڳو ڀائيواري کي هٿي ڏئي رهي آهي پر فيڪلٽي ۽ انتظاميا سر سيد يونيورسٽي کي عالمي معيار موجب اعليٰ مقام تائين پهچائڻ لاءِ هڪ فعال ۽ اثرائتو ڪردار به ادا ڪري رهي آهي.

انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي کي ڪتب آڻيندي ماحولياتي تبديلين ۽ علائقائي موسمياتي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان ڪيل ڀرپور اپائن جي تعريف ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ولي الدين چيو ته موسمياتي تبديلي هڪ عالمي چئلينج آهي ۽ ماڻهو موسمن جي شدت، سمنڊ جي سطح جي اوچائي جهڙين ماحولياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏئي رهيا اهن جيڪي نه رڳو معاشي سرگرمين پر زندگي کي به خراب نموني متاثر ڪن ٿيون. اها صورتحال اسان کي موسمياتي تبديلي جي موجوده ۽ ايندر امڪاني اثرن کان بچاءَ جي تياري ڪرڻ جي ترغيب ڏئي ٿي. موجوده ڏس ۾ سرسبز ماحول، گدلاڻ کان پاڪ ٽيڪنالاجيز ۽ صحتمند لائيف اسٽائل کي اختيار ڪرڻ جي ڪوششن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي.

اسپين جي مالاگا يونيورسٽي جي پروفيسر اينرڪ ناوا ماحولياتي پائيداري لاءِ سر سيد يونيورسٽي طرفان کنيل اپائن ۽ ڪوششن جي تعريف ڪندي چيو ته يونيورسٽين کي تعليم کي هٿي ڏيڻ ۽ جٽادار ماحولياتي تحفظ لاءِ گڏيل سهڪار جا موقعا ڳولڻ ۽ يورپين يونين پراجيڪٽ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ايڪٽو پراجيڪٽ ۾ سر سيد يونيورسٽي جي اهم ۽ سٺي اڳڀرا؟ي آهي ۽ هي يونيورسٽي جي هڪ وڏي ڪاميابي آهي.

ان موقعي تي مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي پروفيسر ڊاڪٽر بي ايس چوڌري اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ ايراسمس پلس ڪيپيسٽي بلڊنگ جي فنڊڊ ايڪٽو پراجيڪٽ ۾ شامل ٿيڻ جي حوالي سان اهم ڄاڻ شيئر ڪئي.

عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي سهڪار جي اهميت کي اجاڳر ڪندي فيڪلٽي آف اليڪٽريڪل اينڊ ڪمپيوٽر انجنيئنگ جي ڊين، پروفيسر ڊاڪٽر محمد عامر گڏجاڻي ۽ ورڪشاپ جي ايجنڊا ۾ شامل آئٽمز جا تفصيل پيش ڪيا ۽ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته موسمياتي تبديلي هميشه انساني زندگين لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي آهي ۽ موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ ترجيحي بنياد تي اثرائتا اپاءُ وٺڻ جي ضرورت آهي ڇو ته عالمي گرمي موسمي تبديلي جو وڏو ذريعو بڻجي رهي آهي.

پروفيسر ڊاڪٽر محمد عامر نصاب سازي جي حوالي سان چيو ته هاڻوڪي دور موجب نصاب ۾ ترميم ۽ تبديلي ڄاڻ ۾ واڌ ۽ علم حاصل ڪرڻ ۾ هڪ مک ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ اهڙا ڪورسز شاگردن لاءِ فائديمند آهن. نصاب ۾ شاگردن کي ڪنهن خاص شعبي ۾ مهارت حاصل ڪرڻ ۽ ذاتي ڪاروبار سروع ڪرڻ جي صلاحيتن کي هٿي ڏيڻ جي گنجائش موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.