فيض حميد جو ڪورٽ مارشل قانوني ۽ عدالتي عمل آهي، اڳڪٿيون نه ڪرڻ گهرجن: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته جنرل (ر) فيض حميد جو ڪورٽ مارشل هڪ قانوني ۽ عدالتي عمل آهي، ان تي اڳڪٿين کان پاسو ڪيو وڃي.
افغانستان تي حملي بابت سوال جي جواب ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته جڏهن اسان حملو ڪندا آهيون ته سر عام اعلان ڪندا آهيون، آڪٽوبر ۾ اسان افغانستان تي حملو ڪيو ۽ سڀني کي ٻڌايو.
هن چيو ته دهشتگردي خلاف ڪميٽيون ٺهيل آهن، فوج جا نمائندا به ڪميٽين جو حصو آهن، معيشت خلاف جيڪا ڳٺ جوڙ ٿي رهي آهي، بلوچستان حڪومت ان جي خلاف ڪم ڪري رهي آهي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته بلوچستان حڪومت دهشتگردي خلاف نيشنل ايڪشن پلان تحت مڪمل عملدرآمد ڪري رهي آهي.
هن چيو ته جنرل (ر) فيض حميد جو ڪورٽ مارشل هڪ قانوني ۽ عدالتي عمل آهي، ڪورٽ مارشل معاملي تي اڳڪٿين کان پاسو ڪيو وڃي، جيئن ئي عملدرآمد ٿيندو ۽ ڪو فيصلو ايندو ته اسان اوهان کي ٻڌائينداسين.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته سرحد تي فوج ۽ ايف سي بارڊر مئنيجمينٽ ڪري رهيا آهن، دوحا ۽ استنبول ڳالهين ۾ اسان سڀني کي سمجهايو آهي، اِهي ماڻهو ڪڏهن چون ٿا ته 6 هزار ٽي ٽي پي جا دهشتگرد پاڪستان ۾ داخل ڪنداسين.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اهي ماڻهو پنهنجي ٻارن کي غلط سبق سيکاري رهيا آهن، هو ”گريٽر پشتونستان“ جي ڳالهه ڪن ٿا، افغان حڪومت جا اعليٰ عهديدار پاڻ بيان ڏئي رهيا آهن ته هو حملو ڪندا، آمريڪي هٿيار ميانواليءَ ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ به نڪتا آهن، اِهي ميزائل ۽ هٿيار سڄي دنيا لاءِ خطرو بڻيل آهن.
هن چيو ته اهي دهشتگرد آمريڪي هٿيار ۽ آمريڪي بُلٽ پروف گاڏيون استعمال ڪن ٿا، هي هٿيار انهن جو روزگار بڻيل آهي، هو منشيات مان هٿيار خريد ڪن ٿا، اسين ٽي ٽي پي ۽ ٽي ٽي اي ۾ ڪو فرق نٿا سمجهون.
هن چيو ته هي هٿيار افغان طالبان جي هٿن ۾ آهن، اسان اهي هٿيار آمريڪن کي به ڏيکاريا آهن، جيڪي 7.2 ارب ڊالر جا هٿيار افغانستان ۾ ڇڏي ويا هئا، جيڪي دهشتگردي جا واقعا ٿي رهيا آهن انهن ۾ 29 دفعا آمريڪي هٿيار نڪتا آهن.
ڊي جي آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ فوج ۽ پاڪستان جي عوام کي کٽڻي آهي، دهشتگردي خلاف جيڪا به جنگ آهي، پاڪستان ئي کٽيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.