آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو شيڊيول پڌرو، پاڪ-ڀارت دنگل جي تاريخ سامهون اچي وئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026ع جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو آهي.
آءِ سي سي طرفان ڀارتي رياست مهارشٽرا جي راڄڌاني ممبئي ۾ ڪوٺايل هڪ تقريب دوران ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي شيڊيول جو اعلان ڪيو ويو.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل شيڊيول موجب، ڀارت ۽ سريلنڪا جي گڏيل ميزباني ۾ ٽورنامينٽ 7 فيبروري کان 8 مارچ تائين جاري رهندي.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جون ميچون ست مختلف وينيوز تي ٿينديون، جن چنائي، نئين دهلي، ڪولڪتا، ممبئي، احمد آباد، ڪولمبو ۽ ڪينڊي شامل آهن.
عالمي ڪپ ۾ حصو وٺندڙ ويهه ٽيمن کي چئن مختلف گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. گذريل فارميٽ جيان هر گروپ مان ٽاپ 2 ٽيمون سپر 8 مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون.
سپر 8 مرحلي ۾ 8 ٽيمن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويندو ۽ ٻنهي گروپن مان ٽاپ ٻه سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون.
گروپ ۾ اي ۾ پاڪستان، ڀارت، آمريڪا، نيڌرليندز ۽ نميبيا شامل آهن، گروپ بي ۾ آسٽريليا، سريلنڪا، آئرلينڊ، زمبابوي ۽ عمان شامل کي رکيو ويو آهي.
گروپ سي ۾ انگلينڊ، ويسٽ انڊيز، بنگلاديش، نيپال ۽ اٽلي شامل آهن، جڏهن ته نيوزيلينڊ، ڏکڻ آفريڪا، افغانستان، ڪئناڊا ۽ يو اَي اِي گروپ ڊي جو حصو آهن.
شيڊيول موجب، عالمي ڪپ جو سڀ کان وڏو دنگل يعني پاڪ ڀارت ٽاڪرو 15 فيبروريءَ تي ڪولمبو ۾ ٿيندو.
ٽورنامينٽ جو فائنل احمد آباد جي نريندر مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ٿيندو،پر جيڪڏهن پاڪستان فائنل ۾ پهتو ته فائنل ڪولمبو ۾ ٿيندو.
سيمي فائنلز لاءِ ممبئي ۽ ڪولڪتا کي چونڊيو ويو، جڏهن ته پاڪستان جي پهچڻ جي صورت ۾ سيمي فائنل ڪولمبو ۾ ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.