لڇن سبب ڪينسر جو خطرو، ماهرن خبردار ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) لڇن ۾ ڪينسر جو ڪارڻ ٿيڻ وارو ڪيميڪل پاڪستان ۾ به استعمال ٿي رهيو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ٻارن جي پسنديدا کنڊ جي لڇن ۾  رنگ لاءِ اهڙو ڪيميل استعمال ٿيندو آهي جنهن سان ڪينسر ٿيندي آهي. ڀارت ۾ ان لاءِ مختلف رياستن ۾ لڇن جي وڪري تي پابندي مڙهيل آهي. ويجهڙ ۾ ڀارتي رياست تمل ناڊو ۾ لڇن تي پابندي هنئي وئي ڇاڪاڻ ته ليب تجربي ۾ تصديق ٿي ته لڇن ۾ ”روڊا مين بي“ موجود آهي جنهن سان ڪينسر ٿيندي آهي.

رپورٽ موجب انڊسٽريز ۽ ٽيڪسٽائلز ۾ استعمال ٿيڻ وارن رنگن کي کاڌي ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. اهڙا رنگ ٻارن جي کٽ مٺڙن ۾ گهڻا استعمال ٿيندا آهن. اهي رنگ گردن لاءِ ناڪارا آهن ۽ جگر خراب ڪندا آهن، ان سان ٿيندڙ نقصان ڪينسر جي شڪل اختيار ڪري ويندو آهي.

رپورٽ موجب هن وقت انهن رنگن جو استعمال معاشري ۾ تباهي مچائي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.