پاڪستان فلسطيني علائقن مان اسرائيلي فوج جي نيڪالي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

پاڪستان فلسطيني علائقن مان اسرائيلي فوج جي نيڪالي جو مطالبو ڪري ڇڏيو .
انصاف واري عالمي عدالت ۾ جمعي ڏهاڙي فلسطيني علائقن غزا، اولهندي ڪناري ۽ اوڀر بيت المقدس تي اسرائيل جي 57 ورهين کان جاري غيرقانوني قبضي خلاف ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ پاڪستان طرفان دليل پيش ڪيا ويا.
انصاف واري عالمي عدالت ۾ نگران قانون ۽ انصاف واري وزير احمد عرفان اسلم پاڪستان جو موقف پيش ڪندي چيو ته هي عدالت فلسطنين جو حقِ خوداراديت تسليم ڪري چڪي آهي.
هن چيو ته پاڪستان سمجهي ٿو ته ٻه رياستي حل سان ئي هي تڪرار ختم ٿي سگهي ٿو فلسطيني ۽ اسرائيلي رياستن جي موجودگي ٻنهي اڪائين ۽ خطي جي امن جي ضمانت آهي.
عالمي عدالت ۾ پاڪستان جو موقف پيش ڪندي هن چيو ته قبضو هڪ غيرقانوني عمل آهي جنهن جا قانوني نتيجا اسرائيل کي ڀوڳڻا پوندا.
عرفان اسلم جو چوڻ هو ته بيت المقدس ٽنهي وڏن مذهبن لاءِ مقدس شهر آهي، اولهندي ڪناري، غزا، اوڀر بي المقدس تي اسرائيلي قبضو غيرقانوني آهي، اسرائيل فلسطين مان فوري طور پنهنجي فوج ڪڍي، اميد آهي ته عدالت ان قبضي خلاف فيصلو ٻڌائيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.