استاد طرفان محبت جي آڇ ٿڏڻ تي شاگردياڻي جي انتهائي ڪِريل حرڪت

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) شاگردياڻي پنهنجي استاد طرفان محبت جي آڇ ٿڏڻ تي ڪاوڙ ۾ اچي ان جي فيملي جون نجي تصويرون سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪري ڇڏيون.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڀارتي رياست تلنگانا جي شهر حيدرآباد ۾ 24 ورهين جي شاگردياڻي کي استاد جي گهرواري ۽ ڌيءَ جون نجي تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو.
سائبر ڪرائم سيل موجب شاگردياڻي جو واسطو انڌرا پرديش رياست سان آهي، هن ٽريننگ انسٽيٽيوٽ ۾ داخلا ورتي هئي، جتي استاد سان کيس محبت ٿي وئي.
جڏهن شاگردياڻي استاد کي پرپوز ڪيو ته هن اهو چئي آڇ ٿڏي ڇڏي ته مان اڳ ئي پرڻيل آهيان ۽ منهنجا ٻار به آهن.
پوليس موجب شاگردياڻي ڳجهي طريقي سان ٽيچر جي فيملي جون نجي تصويرون گڏ ڪيون ۽ انهن کي سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪري ڇڏيو، شاگردياڻي جعلي انسٽاگرام ۽ يوٽيوب اڪائونٽ ٺاهيو هو ته جيئن ٽيچر کي بليڪ ميل ڪري سگهي.
استاد سائبر ڪرائم سيل ۾ شاگردياڻي خلاف درخواست ڏني، جنهن تي ڪارروائي ڪندي کيس گرفتار ڪيو ويو.
سائبر ڪرائم سيل شاگردياڻي جي سموري ڊيٽا حاصل ڪري ورتي ۽ ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.