شهباز شريف جي حڪومتي دور ۾ بيروزگاري جي شرح وڌي 7.1 سيڪڙو تي پهچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موجودا حڪومتي دور ۾ ملڪ ۾ بيروزگاري جي شرح وڌي 7.1 سيڪڙو تي پهچي وئي، جيڪا سال 2020-21 ۾ 6.3 سيڪڙو هئي.
وفاقي شماريات واري کاتي قومي ليبر فورس سروي 2024-25 جا نتيجا جاري ڪري ڇڏيا، جنهن موجب گذريل پنجن سالن دوران بيروزگاري جي شرح ۾ ۾ 0.8 سيڪڙو جو وڌارو ٿيو ۽ پاڪستان ۾ اٽڪل 80 لک ماڻهو بيروزگار آهن.
سروي موجب، سال 2023ع واري آدمشماري ۾ ملڪ جي آبادي 24 ڪروڙ 14 لک 90 هزار رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ليبر فورس جو انگ 7 ڪروڙ 72 لک کان وڌي ويو آهي.
ملڪ ۾ ورڪنگ ايج پاپوليشن جي شرح 43 سيڪڙو ۽ غير فعال آبادي 53.8 سيڪڙو ٿي وئي آهي.
قومي ليبر فورس سروي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان جي 3.3 سيڪڙو آبادي بيروزگار آهي، جڏهن ته سروسز سيڪٽر روزگار جي فراهمي ۾ پهرئين نمبر تي آهي، زرعي شعبو ٻئي نمبر تي ۽ صنعتي شعبو ٽئين نمبر تي آهي. سروسز سيڪٽر ۾ 3 ڪروڙ 18 لک 30 هزار ماڻهو روزگار تي آهن ۽ روزگار جي شرح 41.7 سيڪڙو آهي.
زرعي شعبي ۾ روزگار جي شرح 33.1 سيڪڙو آهي، 2 ڪروڙ 55 لک 30 هزار ماڻهو زرعي شعبي ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. صنعتي شعبي ۾ روزگار جي شرح 25.7 سيڪڙو آهي ۽ 1 ڪروڙ 98 لک 60 هزار ماڻهو صنعتي شعبي سان واڳيل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.