نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڪانگريس اڳواڻ پريانڪا گانڌي اسرائيل جو نالو کڻڻ بنا غزا پٽي ۾ اسرائيلي ڪارروائي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته ان نسل ڪشي خوفناڪ مثال قائم ڪيو آهي ۽ ان کي انساني تاريخ ۾ هڪ شرمناڪ واقعي طور ياد رکيو ويندو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڪانگريس جنرل سيڪريٽري هڪ سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ غزا جي اسپتالن تي بمباري جي واقعن ۽ غزا ۾ ڊاڪٽرن خلاف تشدد جي واقعن جو حوالو ڏنو.
ڪانگريس اڳواڻ پريانڪا گانڌي طرفان اسرائيل ۾ ”جابر حڪومت“ کي فنڊنگ ۽ هٿيار فراهم ڪرڻ تي به ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو.
سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي ڪانگريس اڳواڻ جنگ جو ذڪر ڪندي چيو ته عالمي برادري غزا ۾ جنهن شئي جي اجازت ڏني آهي، اها سڄي انسانيت لاءِ وڏي شرم جي ڳالهه آهي.
هن چيو ته انسانيت جو رت وهايو ويو آهي ۽ اسان مان هر هڪ کي هڪ ڏينهن ان جي قيمت چڪائڻي پوندي، انصاف جي سڀني اصولن، انسانيت ۽ عالمي روايتن کي ٽوڙيو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته سڄي قوم مدد لاءِ دانهون ڪري رهي آهي ۽ ڪير به مدد لاءِ قدم نه پيو کڻي، غزا پٽي ۾ نسل ڪشي تي دنيا اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن.
پريانڪا گانڌي چيو ته ٻارن جي بي رحماڻي قتل تي منهن موڙيو ويو آهي، مريضن کي مرڻ لاءِ ڇڏيو ويو آهي، اسپتالن تي بمباري ڪئي وئي، ڊاڪٽرن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو.
You might also like