پي ايس ايل 9: ڪراچي ۾ شيڊيول ميچن لاءِ ٽريفڪ پلان سامهون اچي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن جي ڪراچي ۾ شيڊيول ميچن لاءِ ٽريفڪ پلان تيار ڪيو ويو آهي.
پي ايس ايل جي نائين ايڊيشن جي پلي آف ۽ فائنل سميت 11 ميچون ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ ٿينديون.
ميگا ايونٽ جي ٻئي مرحلي جون ميچون 28 فيبروري کان 18 مارچ تائين سنڌ جي راڄڌاني ۾ شيڊيول آهن.
ان ڏس ۾ ڪراچي ٽريفڪ پوليس تماشائين ۽ پارڪنگ لاءِ خاص ٽريفڪ پلان ترتيب ڏنو آهي.
ٽريفڪ پلان موجب ڪارساز، ملينيم ۽ نيو ٽائون کان ايندڙ تماشائي پنهنجون گاڏيون پي ايس بي ڪوچنگ سينٽر/ چائنا گرائونڊ ۾ پارڪ ڪندا.
ميچ دوران سهراب ڳوٺ کان نيپا، لياقت آباد نمبر 10 کان حسن اسڪوائر، پيپلز چورنگي کان يونيورسٽي روڊ، ڪارساز کان اسٽيڊيم، ملينيم کان نيو ٽائون، اسٽيڊيم سگنل کان حسن اسڪوائر طرف هر قسم جي هيوي ٽريفڪ تي بندش هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.