بلوچستان جو وڏو وزير ڪير هوندو؟ چئن اميدوارن ۾ سخت مقابلو

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ وزير اعليٰ لاءِ هڪ ٻيو اميدوار به سامهون اچي ويو.
پ پ جي ٽڪيٽ تان ڪامياب ٿيندڙ مير ظهور بليدي به وڏ وزارت جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي ويو.
پ پ جي ٻن اميدوارن لاءِ پارٽي ميمبرن طرفان نرمي، جڏهن ته ٻن لاءِ اختلاف سامهون اچڻ لڳا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي وڏ وزارت لاءِ ظهور بليدي ۽ صادق عمراڻي مضبوط اميدوار آهن.
واضح رهي ته پ پ طرفان وڏ وزارت لاءِ صادق عمراڻي، ظهور بليدي، سرفراز بگٽي ۽ نواب ثناءُ الله زهري جا نالا غور هيٺ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.