ڪراچي: تيز رفتار موٽر سائيڪل نالي ۾ وڃي ڪِري، ٻه ڄڻا فوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ خشڪ نالي مان ٻن ڄڻن جا لاش مليا آهن.
هاڪس بي مشرف ڪالوني ۾ نالي مان ٻن ڄڻن جا لاش هٿ آيا، پوليس موجب حادثو رات پيش آيو، موٽر سائيڪل سوار نالي ۾ وڃي ڪِريا.
پوليس ٻڌايو ته لاشن جي ڀرسان هڪ 125 موٽر سائيڪل به ملي آهي، ٻئي موٽر سائيڪل سوار تيز رفتاري سبب نالي ۾ ڪريا، جڏهن ته وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته هڪ لاش جي سڃاڻپ يونس جي نالي سان ٿي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.