پنجاب مان ن ليگ کي قومي اسيمبلي جون 17 خاص سيٽون الاٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي لاءِ پنجاب مان عورتن جي مخصوص سيٽن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ن ليگ کي 17 سيٽون الاٽ ڪيون ويون، جڏهن ته پ پ، ق ليگ ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي کي هڪ – هڪ سيٽ الاٽ ڪئي وئي آهي.
طاهرا اورنگزيب، شائستا پرويز، مريم اورنگزيب، نزهت صادق، مسرت آصف خواجا، سيما محيءُ الدين، شيزا خواجا، رومينا خورشيد، وجيها قمر، زيب جعفر، ڪرن عمران، انوشا رحمان، زهريٰ ودود فاطمي، آسيا ناز تنولي، صبا صادق جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن.
پ پ جي حنا رباني کر، آءِ پي پي جي منزا حسن ۽ ق ليگ جي فرح خان جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون ڏيڻ جو معاملو اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، 50 آزاد اميدوارن جي سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت به نوٽيفڪيشن ۾ ظاهر ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.