سونو سود پاڪستاني مداح مان متاثر، سوشل ميڊيا تي واکاڻ

انقرا ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي اداڪار سونو سود استنبول ۾ پاڪستاني مداح سان ملاقات جي خوبصورت تصوير شيئر ڪري ڇڏي.
سونو سود پنهنجي انسٽاگرام تي هڪ پاڪستاني مداح سان گڏ تصوير شيئر ڪئي ۽ ڪيپشن ۾ لکيو ته هن کي هن مداح جو نالو ته ياد ناهي پر هن پاڪستاني مداح کيس ڏسندي ئي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو ۽ زوري ويهه پائونڊ جو هڪ نوٽ ڏيندي چيو ته پٽ تون غريبن لاءِ ڏاڍو شاندار ڪم ڪري رهيو آهين، هي منهنجي طرفان هڪ ننڍڙو سهڪار آهي.
اداڪار ٻڌايو ته هن کي پنهنجي پاڪستاني مداح سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي سندس لاءِ هي ويهه پائونڊ لکين ڊالرز کان وڌيڪ اهميت رکن ٿا.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Sonu Sood (@sonu_sood)


واضح رهي ته سونو سود ڪورونا وبا دوران ممبئي ۾ پنهنجو هوٽل ميڊيڪل پروفيشنلز جي حوالي ڪري ڇڏيو هو ۽ هو هاڻي به فلاحي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.