قومي اسيمبلي اجلاس گهرائڻ لاءِ وزيراعظم آفيس کي سمري موڪلي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارلياماني معاملن واري وزارت قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ لاءِ وزيراعظم آفيس کي سمري موڪلي ڇڏي.
قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ لاءِ پارلياماني معاملن واري وزارت سمري وزيراعظم آفيس کي موڪلي آهي، سمري ۾ چيو ويو آهي ته قومي اسيملبي اجلاس 26 کان 29 فيبروري جي وچ ۾ گهرايو وڃي، نگران وزيراعظم حتمي تاريخ لکي سمري صدر کي موڪليندو.
سمري ۾ لکيو ويو آهي ته صدر جي منظوري سان قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو ويندو، صدر جي منظوري کانپوءِ باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.