پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا ذريعي مذهبي نفرت کي هٿي ڏيڻ لڳي، وڏو انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ذريعي مذهبي نفرت تي ٻڌل پروپئگنڊا وڌڻ لڳي، پي ٽي آءِ جو آمريڪا ۾ سوشل ميڊيا هيڊ جبران الياس به اهڙي ناڪاري مهم ۾ ملوث نڪتو.
انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت نگران وزير ڊاڪٽر عمر سيف جعلي پروپئگنڊا بابت عوام کي خبردار ڪندي چيو آهي ته آمريڪا ۾ پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا هيڊ جعلي آءِ ڊي ٺاهي رهيو آهي، ايڪس جي آفيشل اڪائونٽ سان ماڻهن کي وارننگ ميسيج موڪليا پيا وڃن.
سندس چوڻ هو ته پيغام اڪائونٽن تي سڌي ريت ڊي ايم ذريعي موڪليا پيا وڃن، سڄو پراسيس اڪائونٽ هيڪ ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.
هن انڪشاف ڪيو ته گذريل رات منهنجو اڪائونٽ ائين ئي هيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، سوشل ميڊيا ذريعي تشدد، نفرت پکيڙڻ جي باقاعدي مهم هلائي پئي وڃي، اهڙن ماڻهن کي شرم اچڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.