ملتان سلطان جي وڏو جهٽڪو، اهم بالر انجري سبب ٽورنامينٽ مان آئوٽ

ملتان ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) جي مشهور فرنچائز ملتان سلطانز کي وڏو جهٽڪو لڳي ويو آهي.
فرنچائز تصديق ڪئي آهي ته انگلش فاسٽ بالر اولي اسٽون چيلهه جي انجري سبب هلندڙ پي ايس ايل جي نائين ايڊيشن مان ٻاهر ٿي ويو آهي.
انجري سبب ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿيندڙ اولي اسٽون جي جاءِ تي فرنچائز متبادل رانديگر جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي.
انگلش ڪرڪيٽر 20 فيبروري تي اسلام آباد يونائيٽڊ خلاف پنهنجي پهرين ئي ميچ ۾ انجري جو شڪار ٿي ويو هو.
واضح رهي ته ملتان سلطان جي ٽيم پي ايس ايل جي نائين ايڊيشن ۾ هن وقت پوائنٽس ٽيبل تي پهرين پوزيشن تي موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.