نگران حڪومت گذريل حڪومت جي ڀيٽ ۾ گهٽ قرض ورتو: ناڻي واري وزارت
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزارت دعويٰ ڪئي آهي ته نگران حڪومت دوران ورتل قرض پي ڊي ايم حڪومت ادوران ورتل قرضن کان گهٽ رهيا.
ناڻي واري وزارت موجب نگران حڪومت 6 مهينن ۾ 30 ڪروڙ ڊالرن جا نيٽ ٻاهريان قرض ورتا، جڏهن ته گذريل پي ڊي ايم حڪومت ان عرصي ۾ 3 ارب ڊالرن جا نيٽ ٻاهريان قرض ورتا، مجموعي طور تي نگران حڪومت 3 ارب 90 ڪروڙ ڊالرن جا ٻاهريان قرض ورتا ۽ 3 ارب 60 ڪروڙ ڊالرن جي ٻاهرئين قرض جي ادائيگي ڪئي، ائين نيٽ ٻاهريان قرض 30 ڪروڙ ڊالر رهيا.
گذريل پي ڊي ايم حڪومت جي دور ۾ 8 ارب 40 ڪروڙ ڊالرن جا مجموعي قرض ورتا ويا ۽ 5 ارب 40 ڪروڙ ڊالرن جي ادائيگي ڪئي وئي، ائين نيٽ ٻاهريان قرض 3 ارب ڊالر ورتا ويا.
رپورٽ موجب جون 2023 تائين ٻاهرئين قرضن جي مجموعي حڪومتي قرضن ۾ شرح 38.3 سيڪڙو رهي، جڏهن ته ڊسمبر 2023 تائين اها شرح گهٽجي 36.7 سيڪڙو تي اچي وئي.
You might also like