ثانيا مرزا کي اوچتو ڪلينڪ وڃڻ جي ضرورت ڇو پئي؟

حيدرآباد دکن ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني ڪرڪيٽر شعيب ملڪ جي اڳوڻي گهرواري ثانيا مرزا جي ڪلينڪ مان تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ هوءَ چمڙي واري ڊاڪٽر سان گڏ موجود آهي.
انسٽاگرام تي ثانيا مرزا طرفان هڪ اسٽوري اپ لوڊ ڪئي وئي هئي جنهن ۾ کيس مٿي تي اڇي ٽوپي ۽ گائون پهريل هو.


ثانيا مرزا پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ته هوءَ پنهنجي بهترين دوست ڊاڪٽر ريڊ ميلا لوڪيان وٽ آيل آهي، جيڪا سدائين سندس چمڙي جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ڪندي آهي، گڏوگڏ ثانيا دل وارو ايموجي پڻ استعمال ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.