اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزارت آءِ ايم ايف سان نئين قرض پروگرام لاءِ اهم هدف طئي ڪري ورتا.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف سان نئون پروگرام 6 ارب ڊالرن جو هوندو، جنهن جو مدو 3 سال هوندو، نئين پروگرام لاءِ ناڻي واري وزارت ۽ ايف بي آر اختياريون مسلسل رابطي ۾ آهن.
ذريعن موجب ايف بي آر ٽيڪس ٽو جي ڊي پي 3 سالن ۾ 15 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو هدف هوندو، مرڪزي بئنڪ وٽ ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 3 مهينن جي درآمدي بل جي برابر رکڻ جو هدف هوندو، جڏهن ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي ۽ پرائمري بيلنس سرپلس رکڻ جو هدف به طئي ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ سبسڊي به نئين قرض پروگرام جي شرطن موجب مقرر ڪئي ويندي ۽ ايندڙ سال بجيٽ آءِ ايم ايف جي شرطن موجب ٺاهي ويندي، نگران حڪومت نئين حڪومت لاءِ معاشي روڊ ميپ ۽ قرض پروگرام لاءِ ورڪنگ تيار ڪئي آهي، موجوده قرض پروگرام ختم ٿيڻ کانپوءِ آءِ ايم ايف سان نئون قرض معاهدو سائن ٿيندو، قرض معاهدي کان اڳ آءِ ايم ايف کي شرطن تي عملدرآمد لاءِ خاطري ڪرائي ويندي.
You might also like