سومر تائين سنڌ ۾ جيالو وڏو وزير اچي ويندو: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سومر تائين سنڌ ۾ جيالو وڏو وزير اچي ويندو.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ اسيمبلي جا نوان چونڊيل ميمبر سڀاڻي حلف کڻندا ۽ سومر تائين صوبي ۾ جيالو وڏو وزير اچي ويندو.
هن چيو ته جي ڊي اي عوام سان ڪو رابطو نه رکيو ۽ جماعت اسلامي جو ڪم احتجاج ڪرڻ آهي، انهن کي ٻيو ڪو ڪم ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.