رانچي ٽيسٽ: ڀارت خلاف روٽ جي سينچري، انگلينڊ پهرين ڏينهن 7 وڪيٽن تي 302 رنسون ٺاهي ورتيون

رانچي( ويب ڊيسڪ) انگلينڊ، ڀارت خلاف ٽين ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن جي پڄاڻي تي جوئي روٽ جي شاندار سينچري جي مدد سان 7 وڪيٽن جي نقصان تي 302 رنسون ٺاهي ورتيون،
رانچي جي جَي ايس سِي اَي انٽرنيشل اسٽيڊيم ڪمپليڪس ۾ کيڏيل ٽين ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن مهمان ٽيم جي ڪپتان بين اسٽوڪس ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ پهرين ڏينهن راند جي پڄاڻي تي 7 وڪيٽن جي نقصان تي 302 رنسون ٺاهيون.
رانچي ٽيسٽ جي شروعاتي ٻن سيشن ۾ ڀارتي بالر ڇانيل رهيا 112 رنسن جي مجموعي اسڪور تي انگلينڊ جي اڌ ٽيم آئوٽ ٿي چڪي هئي.
شروعاتي جهٽڪن کانپوءِ تجريبڪار بيٽر جوئي روٽ پهرين جوني بيئرسٽو ۽ پوءِ بين فاڪس سان ڀائيواري جوڙي انگلينڊ جي اسڪور اڳتي وڌايو، ان دوران جوئي روٽ سيريز جي پهرين ٽيسٽ ڪيريئر جي 31 هين سينچري اسڪور ڪئي.
ٻين رانديگرن ۾ بين فاڪس 47، جوني بيئرسٽو 38 ، زيڪ ڪراولي 42 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا.
اهڙي ريت انگلينڊ پهرين ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ تائين ست وڪيٽن جي نقصان 302 رنسون ٺاهي ورتيون، جوئي روٽ 106 ۽ اولي روبنسن 31 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود هئا.
ڀارت لاءِ ڊيبيو ڪندڙ آڪاش ديپ شاندار بالنگ ڪئي ۽ شروعاتي ٽنهي بيٽرن کي پويلين جو رستو ڏيکاريو، جڏهن ته محمد سراج ٻه، راويندر جاڙيجا ۽ روي چندرن ايشون هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.