ن ليگ جي مريم نواز کانسواءِ سينيئر قيادت کي صوبائي سيٽون ڇڏڻ جي هدايت

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ پنجاب جي نامزد وزير اعليٰ مريم نواز کانسواءِ سينيئر پارٽي قيادت کي صوبائي اسيمبلي جون سيٽون ڇڏڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
ن ليگ ذريعن موجب شهباز شريف قصور ۽ لاهور جون صوبائي سيٽون ڇڏيندو، جڏهن ته حمزا شهباز لاهور جي صوبائي سيٽ ڇڏيندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سردار غلام عباس چڪوال جي صوبائي سيٽ ڇڏيندو، جڏهن ته راڻا تنوير شيخوپورا جي صوبائي سيٽ تان هٿ کڻندو.
ن ليگ سيڪريٽري جنرل احسن اقبال نارووال جي صوبائي سيٽ ڇڏيندو، جڏهن ته سردار اويس لغاري ڊيرا غازي خان جي صوبائي سيٽ ڇڏيندو ۽ ڄام ڪمال لسٻيلا جي صوبائي سيٽ تان هٿ کڻندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.