سک ياترا تي آيل جسپريت پاڪستاني نوجوان سان شادي ڪري ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) جرمني جي رهواسڻ ڀارتي پنجاب جي سک ناري سيالڪوٽ اچي اسلام قبول ڪري ورتو ۽ پاڪستاني نوجوان سان شادي ڪري ورتي.

جرمني مان پاڪستان اچي مذهب تبديل ڪرڻ ۽ شادي ڪندڙ ناري جو واسطو اوڀر پنجاب جي شهر لڌيانا سان آهي.

سندس نالو جسپريت هو جيڪو مسلمان بڻجڻ بعد تبديل ڪري زينب رکيو ويو آهي.

جسپريت سيالڪوٽ ۾ اسلام قبول ڪيو جنهن بعد سندس نالو زينب رکيو ويو آهي.

تنهن بعد زينب پاڪستاني نوجوان ارسلان سان شادي ڪري ورتي.

هو 16 جنوري تي سک مذهب جي ماڳ جي ياترا جي ويزا تي پاڪستان آئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.