ايم ڪيو ايم ۾ حڪومت ۾ ڀائيواري تي اختلاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم جي حڪومت ۾ ڀائيواري جي معاملي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪاميٽي فيصلي سازي جو اختيار چار رڪني ڪاميٽي کي ڏئي ڇڏيو آهي.

ڪاميٽي ۾ خالق مقبول صديقي، مصطفيٰ ڪمال، ڪامران ٽيسوري ۽ فاروق ستار شامل آهن.

ذريعن موجب رابطا ڪاميٽي جي فيصلي جي روشني ۾ ڪو هڪ شخص اڪيلو فيصلو نه ڪندو.

چئني ڪاميٽي ميمبرن جي مشاورت سان حڪمت عملي ۽ حڪومت ۾ ڀائيواري جو فيصلو ٿيندو.

ذريعن موجب ڪاميٽي اڳواڻ خالد مقبول صديقي لاهور ناهي ويو اسلام آباد ۾ ئي موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.