ڪراچي: نجي هوٽل جي لفٽ ڪِري پئي، سنڌ گيمز جي ٻن ايٿليٽس سوڌو ٽي ڄڻا زخمي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي علائقي صدر ۾ نجي هوٽل جي لفٽ ڪِرڻ واري واقعي ۾ سنڌ گيمز ۾ حصو وٺندڙ ٻن ايٿليٽس سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
هوٽل انتظاميا جو چوڻ آهي ته حادثو لفٽ ۾ گنجائش کان وڌيڪ ماڻهو داخل ٿيڻ سبب پيش آيو.
زخمي ٿيندڙ جو واسطو ميرپور خاص سان آهي، جيڪي سنڌ گيمز ۾ حصو وٺڻ لاءِ ڪراچي آيا هئا جن ۾ ويٽ لفٽنگ جا ٻه ايٿليٽ ۽ هڪ سيڪريٽري شامل آهي.
ان ڏس ۾ راندين واري نگران صوبائي وزير جنيد علي شاهه جو چوڻ آهي ته لفٽ واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن جي حالت سڌارو اچي رهيو آهي.
هن ٻڌايو ته ٽن ماڻهن جي گنجائش واري لفٽ ۾ اٺ کان نوَ ماڻهن جي سوار ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو ، جڏهن ته هوٽل انتظاميا لفٽ جي گنجائش بابت آگاهه به ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.