اعليٰ سرڪاري آفيسرن جي پي سي بي ۾ مقرري، بورڊ اختيارين ۾ ٿرٿلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) ۾ اهم سرڪاري عهدن تي مقرر آفيسرن جي ڊيپوٽيشن تي مقرريءَ کانپوءِ بورڊ آفيسرن ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي.
ذريعن موجب، پي سي بي ۾ موجودا اعليٰ عهديدارن جي ڊيپوٽيشن تي مقرريءَ جا امڪان بحث هيٺ آهن، انهن آفيسرن کي پنهنجي مستقبل جي ڳڻتي ورائي ورتو آهي جنهن کانپوءِ لاڳاپيل آفيسرن پاڻ ۾ صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن.
پي سي بي ۾ موجودا اعليٰ عهديدارن ۾ ٻه پوليس آفيسر ۽ هڪ ايڊمنسٽريٽيو سروسز آفيسر جون خدمتون پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ حاصل ڪيون ويون آهن.
پي سي بي ذريعن موجب، سي ايِ او سلمان نصير کي نئين ذميواري سونپي سگهجي ٿي، ان سان گڏوگڏ سيڪيورٽي اينڊ ويجلنس، ايڇ آر، ليگل ۽ مارڪيٽنگ جي سربراهن کي به تبديل ڪرڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي آئين موجب سي ايِ او يا ايم ڊي جو عهدو متعارف ڪرائي سگهجي ٿو.
پنجاب جي حڪومتي ذميوارين کان ڌار ٿيڻ کانپوءِ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جو سمورو ڌيان بورڊ جي معاملن تي هوندو.
بورڊ ۾ ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ محسن نقوي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جا معاملا ڏسندو ۽ پاڪستان ٽيم لاءِ پرڏيهي ڪوچز جي مقرري سندس پلان ۾ شامل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.