پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز ڪڏهن شروع ٿيندي؟ تاريخ سامهون اچي وئي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ پنجن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي تاريخ سامهون اچي وئي.
ذريعن موجب، پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز اپريل ۾ شيڊيول آهي.
پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز 13 کان 23 اپريل تائين کيڏي ويندي، ان ڏس ۾ ٻنهي ڪرڪيٽ بورڊ جي اعليٰ اختيارين وچ ۾ رابطو ٿيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي سيريز جون ميچون لاهور ۽ راولپنڊي ۾ کيڏيو وينديون.
ٻئي پاسي ٻڌايو ويو آهي ته ويسٽ انڊيز جي وومين ڪرڪيٽ ٽيم اپريل جي ٻئي هفي ۾ پاڪستان جو دورو ڪندي ۽ ان سيريز جون ميچون ڪراچي ۾ کيڏيو وينديون.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وومينز ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ۽ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.