لاهور قلندرز جي بالنگ ۽ شاهين جي ڪپتاني وائکي ٿي رهي آهي: اظهر علي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان اظهر علي چيو آهي ته راشد خان جي غير موجودگي ۾ لاهور قلندرز جي بالنگ ۽ شاهين آفريدي جي ڪپتاني وائکي ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي.
خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ گفتگو دوران اظهر علي پي ايس ايل ۾ لاهور قلندرز جي لاڳيتي ٽين ناڪامي تي تبصرو ڪندي چيو ته مان سمجهان ٿو ته هاڻ شاهين آفريدي جي ڪپتاني ۽ لاهور قلندرز جي بالنگ ايڪسپوز ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي.
هن چيو ته اسان ڄاڻو ٿا ته لاهور قلندرز جي ٽيم گذريل ٻن ورهين کان ٽورنامينٽ جي چيمپيئن رهي چڪي آهي پر هاڻي اندازو ٿي رهيو آهي ته راشد خان وچ وارن اوورن ۾ رنسن جي رفتار روڪي ٻين بالرن لاءِ سهولتون پيدا ڪندو هو .
اظهر علي چيو ته شاهين ۽ حارث فارم ۾ نه آهن، ان کانسواءِ هاڻي هوريان هوريان ڪپتاني به ايڪسپوز ٿي رهي آهي، ملتان سلطانز جي افتخار احمد جي بيٽنگ دوران ڪيئي شيون محسوس ڪيون ويون.
اڳوڻي ڪپتان وڌيڪ چيو ته منهنجو خيال آهي ته هاڻي لاهور قلندرز جي ٽيم کي پتو پوندو ته هڪ ٽيم جو ڪو خاص رانديگر هليو وڃي ته هڪ ڪپتان لاءِ ان جي کوٽ پوري ڪرڻ ڪيترو ڏکيو هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.