اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان بار ڪائونسل سپريم ڪورٽ ۽ چيف جسٽس خلاف مهم جي مذمت ڪندي مهم هلائيندڙن خلاف قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس خلاف بدنيتي تي ٻڌل مهم جي مخالفت ڪيون ٿا. هنن چيو ته عدالتي فيصلي کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ جو مقصد سپريم ڪورٽ کي بدنام ڪرڻ آهي. فيصلي بابت واويلا ڪرڻ جو مقصد چيف جسٽس کي نقصان پهچائڻ آهي. عدالتي فيصلن کي سياسي مقصد لاءِ استعمال نه ٿو ڪري سگهجي. پاڪستان بار ڪائونسل سپريم ڪورٽ خلاف مهم هلائيندڙن خلاف قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.