ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي عوام پاران چونڊيل ايم پي ايز کي حلف کڻائڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي ڇنڇر ڏينهن طلب ڪيو ويو آهي، ساڳئي ئي ڏينهن اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ پڻ ٿيندي، ذريعن موجب سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ لاءِ وڏي وزير جي تجويز تي گورنر پاران سڀاڻي ڇنڇر ڏينهن گهرايو ويو آهي، نون ميمبرن کي اسپيڪر آغا سراج دراني حلف کڻائيندو ان بعد اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر جا نامزدگي فارم جمع ڪرائي اسڪروٽني ٿيندي، جڏهن ته اسپيڪر ڊپٽي اسپيڪر توڙي قائد ايوان جي چونڊ آچر ڏينهن اجلاس سڏائي ڪرائڻ جو امڪان آهي،هوڏنهن پنجاب اسيمبلي جو پهريون اجلاس اڄ طلب ڪيو ويو آهي.پنجاب اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي لاءِ سمري پنجاب جي گورنر ڏانهن اماڻي وئي آهي. پنجاب اسيمبلي جو اجلاس اڄ صبح جو 10 وڳي ٿيندو. اجلاس ۾ نوان چونڊيل اسيمبلي ميمبر حلف کڻندا. پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر ميمبرن کان حلف وٺندو.