پبلڪ سروس ڪميشن جو پيپر آئوٽ ٿيڻ سنگين ڪوتاهي آهي: جماعت اسلامي

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي انتظام هيٺ سيڪنڊري اسڪول ٽيچرز جي ڀرتي لاءِ ٽيسٽ جا  پيپر آئوٽ ٿيڻ واري معاملي جي  شفاف انڪوائري ڪرائڻ جي گهرڪندي مطالبو ڪيو آهي ته پيپر آئوٽ ڪرڻ ۾ ملوث ڪرپٽ آفيسرن خلاف ڪاروائي ڪري کين عبرت ناڪ سزا ڏني وڃي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي انتظاميه جي اختيارن پاران هيءَ  پهرين حرڪت ناهي ٿي، پر اهڙيون حرڪتون هر سال  وقفي وقفي سان ٿينديون رهيون آھن،ڪرپشن ۽ ڪميشن واري ڪلچر سنڌ جي ھر اداري کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي.ان ڪري سنڌ جي نگران حڪومت ۽ اعلى عدليه کي گهرجي ته مختلف ميگا اسڪينڊلز جي بنياد تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن اندر انتظاميه زريعي ٿيندڙ امتحاني بيقاعدگين کان ويندي نتيجن جي هير ڦير، نوڪرين جي وڪري جي بازار ۽ پيپر ليڪ ٿيڻ جهڙن اسڪينڊلز جي بنياد تي شفاف ۽ اڻڌري آفيسرن تي مشتمل ڪميشن جوڙي ملوث ڪردارن کي سخت سزائون ڏئي عبرت جو نشانو بڻائڻ گهرجي ۽ ملوث آفيسرن جون نوڪريون ختم ڪيون وڃن جيڪي قوم جي مستقبل نوجوان نسل جي قسمت سان کلواڙ ڪري رهيا آهن،هن چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن هاڻي نوڪريون وڪرو ڪرڻ جي مارڪيٽ بڻيل آهي. ادارن جي ساک ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي شفافيت واري اعتماد جي بحاليءَ  ۽ صوبي جي انتظامي بهتريءَ  کان ويندي اهليت ۽ بهتريءَ  لاءِ  قومي ۽ صوبائي حڪومت  تڪڙا،سخت ۽ ايمانداراڻا فيصلا ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪي آهي.جماعت اسلامي سنڌ جي امير نگران وڏي وزير ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس  کان گهر ڪئي ته سيڪنڊري اسڪول ٽيچر جو پيپر آئوٽ ڪرڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺي ۽ فوري طور تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي انتظاميا خلاف جاچ جو حڪم ڏئي ته جيئن پيپر آئوٽ ٿيڻ واري معاملي ۾ ملوث ڪردار وائکا ٿي سگهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.