ڪراچي ( رپورٽ:ماريا اسماعيل) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ سوشل ميڊيا ۽ انٽرني جي بندش واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي،عدالت ٽوئيٽرسميت ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمن کي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي .چيف جسٽس عقيل احمد عباسي سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ جي بندش تي رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته جيئن چونڊون ٿيون آهن سڄي دنيا ساراهه ڪري رهي آهي ، ماشاءَ الله جيڪڏهن عهدا ڊرائنگ روم ۾ ورهائڻا هئا ته پوءِ اليڪشن ڪرائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ چونڊون ڪرائڻ جي پوءِ ضرورت ڪري آهي،چيف جسٽس چيو ته عالمي ميڊيا ٻڌائي رهي آهي ته ڪهڙي طرح چونڊون ٿيون، انٽرنيٽ هتي به ڪم نه ڪري رهي آهي، اتي ڪم نه ڪري رهي آهي، لڳي ٿو ته جهڙي قسم جون چونڊون ڪرايون ويون آهن، ونڊ ورڇ ڪري قبر تي گل نه چاڙهي ڇڏيو ها،چيف جسٽس عقيل عباسي جي رمارڪس تي پي ٽي اي جي وڪيل چيو ته انٽرنيٽ هاڻي ڪم ڪري رهي آهي، وفاق ۽ صوبائي حڪومتن جي طرفان سيڪيورٽي خدشن سبب انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس بند ڪئي وئي آهي،انٽرنيٽ سروس بند ٿيڻ سان ملڪ ۾ امن امان وارو مسئلو ناهي ٿيو، سڀ کان وڌيڪ اهم مسئلو قومي سلامتي جو هو، قومي سلامتي سبب انٽرنيٽ سروس بند ڪئي وئي. چيف جسٽس چيو ته ائين نه ڪريو، ماڻهو سمجهدار ٿي ويا آهن، ماڻهن کي خبر آهي ته ڪير ڇا ڪري رهيو آهي، پريشر ڪڪر جي هلڪي سيٽي وڄندي آهي،ان کي وڄڻ ڏيو ائين نه ٿئي ته سيٽي بند ڪرڻ تي پريشر ڪڪر وانگر سڀ ڪجهه ڦاٽي پوي، ڪير صدر ٿيندو، وزيراعظم ڪير هوندو، گورنر شپ ڪنهن کي ڏني ويندي، جيڪڏهن ائين ٿيڻو هو ته پوءِ چونڊون ڇو ڪرايون؟چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته ماشاءَ الله توهان ماڻهو طاقتور آهيو، توهان جيڪو منصوبو ٺاهيو ٿا ائين ئي ڪريو ٿا ، انٽرنيٽ بند ڪري دنيا ۾ پنهنجو تماشو ڇو بڻائي رهيا آهيو، لڳي ٿو عدالتون ۽ سمورا ادارا بيڪار ٿي ويا آهن، ملڪ ڪير هلائي رهيو آهي؟ چيف جسٽس چيو ته چونڊن واري ڏينهن انٽرنيٽ ڪنهن جي هدايت تي بند ڪيو ويو .پي ٽي اي جي وڪيل چيو ته پرڏيهي کاتي پاران سڌسماواري کاتي کي هدايتون جاري ڪيون ويون تي چونڊن واري ڏينهن انٽرنيٽ بندڪيو وڃي .عدالت چيو لکت ۾ ته 9مئي جو ذڪربه آهي .سرڪاري وڪيل چيو ته 9مئي تي نيٽ بند ٿيو ۽ 16مئي تي بحال ٿي ويو .عدالت وفاقي حڪومت کان چونڊن واري ڏينهن انٽرنيٽ بند ڪرڻ جا سبب طلب ڪري ورتا ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر انٽرنيٽ سروس ۽ سوشل ميڊيا بحال ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 5مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .