گهٽ اتحادي هوندا،نئين حڪومت بهتر هوندي: پ پ ترجمان

اسلام آباد(م ڊ)پ پ ترجمان فيصل ڪنڊي چيو آهي ته اهو اتحاد بهتر هلندو ڇو ته اتحادي حڪومتون گهٽ آهن، اهو اتحاد ماضي جي ڀيٽ کان بهتر آهي، ماضي ۾ بي اعتمادي وقت اسان وٽ اڪثريت نه هئي، هن ڀيري اسان ن ليگ سان گڏجي باقاعده شين تي اتفاق ڪيو آهي، هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته هن ڀيري جي يو آءِ ۽ مينگل جي پارٽي به اتحاد ۾ ناهي، معيشت تي فوري ڪم ڪرڻو آهي، مفاهمت جي سياسي زرداري کان وڌيڪ ڪير نٿو ڄاڻي، اسان جي 16 مهينن واري تجريب ۾ ڪافي شڪايتون هيون، پنجاب ۾ سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو،

  1. پ پ سان ڊيل جون ڪجهه ڳالهيون ڳجهيون آهن: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اسان ٽنهي پارٽنرن جي حڪومت آهي، ذميواري سڀني جي گڏيل هوندي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن هن حڪومت ڪجهه سٺو ڪيو ته سڀني کي ڪريڊٽ ملندو ۽ جيڪڏهن ڪجهه خراب ٿيو ته اهو به سڀني کي ٿيندو.خانگي ٽي وي چينل جيو نيوز  سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته ڪجهه شيون اهڙيون هونديون آهن جن کي عام ناهي ڪيو ويو، تنقيد جو حق سڀني کي ملڻ گهرجي.راڻا ثناءُ الله چيو ته هن کان اڳ شهباز شريف 16 مهينا 13 پارٽين جي حڪومت هلائي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.