سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي ٽيسٽ ۽ انٽرويو جا رڪارڊ رکڻ جو حڪم

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد جي عدالت، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي عملدارن کي حڪم ڏنو آھي ته اميدوار جي لکت واري امتحان جي سي سي ٽي وي آڊيو سميت رڪارڊ ڪئي وڃي ۽ اميدوارن جا انٽرويو لائيو اسٽريم ذريعي يوٽيوب يا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پنھنجي لائيو اسٽريم جوڙي ان تي ھلائي تہ جيئن پوري دنيا ڏسي سگھي ۽ اھڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪري اڄ 22 فيبروري تي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ٻيھر ٿيندي. ڪالھ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ميونسپل آفيسر جي ڀرتين ۾ ميرٽ جي لتاڙ خلاف 16 اميدوارن پاران داخل ڪرايل درخواستن تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي ٿي، جسٽس شمس الدين عباسي ۽ جسٽس امجد علي سھتو تي مشتمل ڊويزنل بئنچ ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي جي موقعي تي اميدوارن جا وڪيل ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو ۽ ارشد پٺاڻ عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏھن تھ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ڪنٽرولر عبدالحفيظ لغاري بہ پيش ٿيو. عدالت ۾ درخواستگذارن جي وڪيل ايڊوڪيٽ سجاد احمد چانڊيو ۽ ارشد حسين پٺاڻ موقف اختيار ڪيو ته ميونسپل آفيسرن ڀرتي جي لاءِ اميدوارن جي نتيجن ۾ جيڪو وھنوار ھلايو ويو آھي اھو ھاءِ ڪورٽ جي اڳ ۾ ٿيل فيصلن جي ابتڙ آھي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن عدالتي حڪمن جي توھين ڪئي آھي، جڏھن ته ان حوالي سان سپريم ڪورٽ بھ حڪم جاري ڪري چڪي آھي، سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ ٻڌايو ھو تہ امتحان ڪيئن وٺڻ گھرجن ۽ ان جا نتيجا پڌرا ڪيئن ڪجن، پر ان حڪم جي بھ خلاف ورزي ڪئي وئي آھي. ھنن عدالت کي استدعا ڪئي ته  ميونسپل آفيسرن جي ڀرتين جي لاءِ ورتل امتحان جا نتيجا ڪالعدم قرار ڏئي سمورو پروسيس ٻيھر ڪرايو وڃي، نيب ۽ ٻين ادارن کي حڪم ڏنو وڃي تھ اھي ان سڄي معاملي جي ڇنڊڇاڻ ڪن ۽  ملوث ماڻھن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻڌڻي دوران جسٽس امجد سھتو ريمارڪس ڏيندي چيو تھ ھاڻ گھڻو ٿي ويو آھي، اسان کي سڀ خبر آھي تھ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن وٽ ڪھڙو مڪينزم آھي، ڪميشن کي ھاڻ پاڻ کي سڌارڻ گھرجي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ھر امتحان ۾ چيئرمين، سيڪريٽري، ڪنٽرولر ۽ ٻيا علمدار ميڊيا تي تنقيد جو نشانو بڻجندا ڇا؟، مڪينزم سڌاريو ڇو نٿا؟. ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو تھ درخواستگذار ۽ سرڪاري وڪيل اسان کي ثابت ڪري ٻڌائين تھ فيل وارا فيل ڪئين ٿيا ۽ پاس وارا پاس ڪيئن ٿيا.  ٻڌڻي اڍائي ڪلاڪ جاري رھي، عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي حڪم ڏنو تھ اميدوار جي لکت واري امتحان جي سي سي ٽي وي آڊيو ۽ انٽرويو ۾ لائيو اسٽريم جنھن ۾ پوري دنيا ڏسي سگھي اھڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪري اڄ 22 فيبروري تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.