پيپر ڪميشن جي اسسٽنٽ ڪنٽرولر آئوٽ ڪيو،گرفتاري کان اڳ فرار

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران سيڪنڊري اسڪول ٽيچر جي پوسٽ لاءِ ٿيل امتحان پرچو اڳواٽ آئوٽ ٿيڻ واري ماري جي جاچ دوران حيدرآباد پوليس مک جوابدار تائين پھچي وئي، جاچ ۾ شامل پوليس جي ذميوار ذريعن دعويٰ ڪئي آھي ته موبائيل فون جي ريڪارڊ مان اھا ڳالھ ثابت ٿي آھي ته پرچو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اسسٽنٽ ڪنٽرولر امتحان زين العالم آئوٽ ڪيو ، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ تصديق ڪندي ٻڌايو ته موبائل فون ريڪارڊ جي جاچ مان اھا ڳالھه ثابت ٿي آھي ته پرچو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اسسٽنٽ ڪنٽرولر زين العالم آئوٽ ڪيو، اھڙي ڳالهه ثابت ٿيڻ تي زين العالم جي گرفتاري لاءِ سندس گھر تي ڇاپو ھنيو ويو پر ھو اڳ ۾ فرار ٿي چڪو ھو ۽ سندس موبائل فون به بند آھي، ايس ايس پي امجد شيخ موجب ان سلسلي ۾ ايف آ3 اي کي پڻ فرانزڪ رپورٽ لاءِ لکيو ويو آھي ۽ جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.