اسلام آباد(م ڊ) ن ليگ جي سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته ايندڙ حڪومت اڪثريتي نه بلڪه اقليتي هوندي،اهو اتحاد هڪ مشڪل سفر هوندو، هن ڀيري ٻيون پارٽيون ٻيڙي ۾ شامل ٿيڻ بدران ڪناري تي رهڻ چاهين ٿيون برطانوي اداري کي انٽرويو ۾ هن چيو ته اسان جي سخت فيصلن تي پ پ تنقيد ڪندي، اسان جي مختلف ۽ ٽڪراءُ واريون ايجنڊائون سڀ کان وڏو چئلينج آهن، اسان نجڪاري جا حامي آهيون،پ پ ان جي مخالفت ڪري ٿي، هن چيو ته جڏهن اسان پنهنجي منشور تي هلنداسين ته اختلاف پيدا ٿيندا،انهن اختلافن سان ٻيون جماعتون فائدو وٺي اسيمبلي ٽوڙائي سگهن ٿيون، ن ليگ پ پ کان سياسي بردباري جي اميد رکي ٿي،