ڪوئيٽا(م ڊ) مسلم ليگ ن بلوچستان به پيپلز پارٽي کي وڏي وزير جو عهدو ڏيڻ تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو. مسلم ليگ ن جي صوبائيصدر جعفر مندو خيل چيو ته مسلم ليگ ن جا ايم پي ايز وڏي وزير جو عهدو وٺڻ چاهين ٿا، ايم پي ايز پارٽي سربراهه کي اختيار ڏئي ڇڏيا، سندس فيصلو قبول ڪيو ويندو،هن چيو ته بلوچستان حڪومت ۾ حصيداريءَ بابت تفصيل اڃا طئي ٿي رهيا آهن، اسان جا ايم پي ايز به چاهين ٿا ۽ ڪوشش ڪن ٿا ته وڏو وزير مسلم ليگ ن جو هجي.