ڳوڙهن جو ڳالهائڻ بند ٿي ويو

هو داد هو پر شاعري ۾ سراپا فرياد هو. هن شاعري ۾ دل جي تاريخ لکي ۽ هن جون اکيون ڳوڙهن جو درياهه ٿيون. هن ڳوڙهن جي سمنڊ ۾ شاعري جي جل پرين جا جلوا جرڪايا. هن جي اکين جا ڳوڙها شاعري جو سانگها تلاءُ بڻجي ويا. هن جا نم نيڻ ڪارونجهر تان وهي ايندڙ ڀٽياڻي ندي جو روپ بڻيا. هن جي ڪوتا ۾ ڳوڙهن جي ڪجلاسر تي سارنگائن جا ٽهڪ گونجن ٿا ۽ انهن ٽهڪن تي اسان پارا سڏونت هرکجي موهت ٿيندا آهن. هو سڀني جي سر جو سائين هو. اڄ اهو سائينداد اسان جي وچ ۾ ناهي رهيو پر هن جي شاعري فرياد بڻجي دادا لاءِ اسان جي دلين جا در کڙڪائيندي رهندي.

سائين توهان شاعري ۾ اڪثر روئڻ يعني لڙڪن ۽ ڳوڙهن جو ذڪر ڇو ڪندا آهيو، اها ته مايوسي جو اهڃاڻ آهي ⸮ لڳ ڀڳ ويهه سال اڳ مون ڊگري ڪاليج مٺي ۾ ملاقات دوران سائينداد ساند کي ولهار ميگزين هٿ ۾ ڏيندي سوال ڪيو ته هن مون کي لاجواب ڪندي جواب ۾ چيائين ته "poetry is the name of sorrows،without trouble we can،t expreesdion of heart in better way” هن جو انگريزي ۾ وزندار جواب ٻڌي آئون حيرت جي ساگر ۾ ٻڏي ويس. ان ڏينهن منهنجي سائينداد ساند سان خوب ڪچهري ٿي هئي. سائينداد وٽان محبت پلئه پائي آئون ۽ هرچند ساگر امراڻي واپس آياسين پر اڄ سوڌو اها محبت جي ڀريل وٽي ڄڻ منهنجي ميز تي رکيل آهي ۽ منهنجي سامهون سائينداد ساند ويٺو آهي.

اها ڳالهه واقعي سچ آهي ته آفتون اوچتو ئي اينديون آهن ۽ ايئن ماڻهو به اوچتو ئي اوچتو موڪلائي هليا ويندا آهن. هن پار ڏي هلڻو ته هر ڪنهن کي آهي پر ڪنهن ڪنهن ماڻهو جي موڪلاڻي جيءُ کي جهوري وجهندي آهي. سانورو سلوڻو، يارن جو يار ، ٻاٻيهي جهڙو ٻوليندڙ ٿر جو مور ماڻهو سائينداد ساند سنڌ جي اکين ۾ ڳوڙها ڏئي هليو ويو. اڄ نه رڳو ڳوٺ متارو ساند جون ڀٽون سڏڪن ۾ آهن پر سائينداد جي والد محمد حسن ساند جي روح کي به جهٻي آئي هوندي، ڇوته هن جو مٺڙو ٻچڙو سندس ڀر ۾ اچي ابدي آرامي ٿيو آهي. محمد حسن ساند جي اوٽي تي پهرين مارچ 1960ع تي هڪ گل کڙيو هو جنهن جو ڇٺي جو نالو سائينداد رکيو ويو ۽ هو وڏو ٿي شاعري ۾ سڄي سنڌ جي دادا لاءِ فرياد بڻجي ويو. ڳوڙهن وسيلي سنڌ سان همڪلام ٿيندڙ سائينداد جي وڇوڙي اڄ سڄي سنڌ جي اکين ۾ ڳوڙها آڻي ڇڏيا آهن. اڄ ڪوتا جي ڳوڙهن جو ڳالهائڻ بند ٿي ويو آهي پر سائينداد اسان جي وچ ۾” ڳوڙهن ڳالهايو”، "دل جي تاريخ” ۽ "سنڌ ڪرو کيتر جيان” جي روپ ۾ زنده رهندو. سائينداد ساند جي وڇوڙي تي مٺي جي گڍي ڀٽ ڇتن ۾ ٻهار جا ٻڪ وجهي اوساري رهي آهي ۽ ڊگري ڪاليج جو اڱڻ  اکين ۾ لڙڪ هاري رهيو آهي. ڊگري ڪاليج مٺي جو ٽيچرس روم اداس آهي جتي هو سڀني استادن کي پنهنجي نڪور شاعري ٻڌائي واهه واهه جا گلاس ڀري پيئندو هو ۽ اندر جي اڃ اجهائيندو هو. ڊگري ڪاليج جي ڪمرن جي ڪنڊن ۾ هن جا شاگرد روئي رهيا آهن جن کي هن پڙهايو. سائينداد ساند ڊگري ڪاليج مٺي ۾ ليڪچرار طور تعليمي ميدان ۾ ٿر جي تور کي تاتيو، پاليو ۽ پوسيو. هي ان ئي ڪاليج جو پرنسيپال پڻ رهيو ۽ ڪاليج جون ديوارون  گواه آهن ته هي شاعري ۾ ڪيڏو رنو، لڇيو ۽ تڙپيو آهي.

سائينداد ساند جي شاعري لوڪ ۽ جديد جو سنگم هجڻ ڪري پنهنجي اسلوب ۾ جدت رکي ٿي. هن وٽ شاعري جو رنگ نج عوامي ۽ لوڪ آهي. موسيقيت سان ڀرپور سولي ۽ سادگي جي حسن جي جلون ۾ جرڪندڙ شاعري ۾ ڪارونجهر تان وهي ايندڙ انچليسر ۽ گورڌڙو ندين جي رواني ۽ ترنم آهي. سائينداد جي ڪوتا ۾ مورن جا کيڙا ۽ برساڙي ۾ ڀٽن جي مٿارين تان لهي ڏرون ٺاهيندڙ پلر جا ڌڌڪا آهن. هن جي شاعري مٽڪو نرت جو اولڙو آهي. ڪجليو ۽ همرچو جا گيت هن جي شاعري جي ماٿي جو جهومر آهن. سائينداد ساند پنهنجي ڪوتا ۾ لوڪ گيت راڻليي جي آلاپ جيان عيان رهندو. وسڪارن ۾ مارو تاڙا بڻجي هن کي تنواريندا. روهيڙن تي ڳيرا هن کي ڳائيندا. هن وڇوڙن جي سينڌ ۾ سينڌور ڀريو ۽ جدائين کي ميلاپ سان پرڻايو. هن لڙڪن جا هر ڏئي ساگر کيڙيا. هن نيڻن جا نير پاڻي بڻائي ماروين جا چيڙ پيل مينڍا ڌوتا. هي وڻن جي ٿڙن تي لکيل نالن ۾ نروار رهندو. اڪن جي نيرن ڦلين جي اکين ۾ اوجاڳا سائينداد ساند جي هجڻ جو احساس ڏياريندا رهندا. سائينداد ساند لڙڪن جي روپ ۾ سنڌ وٽ هڪ شڪايت آهي ۽  هن جي وڇوڙي تي اسين سڀ ڏکارا  هن جي ڪوتا کي چپن تي بار بار جهونگاري سندس شڪايت جو ازالو ٿينداسين.

دردن جو داستانو ڪير ٿو ٻڌي

مصروف آ زمانو ڪير ٿو ٻڌي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.