مادري ٻولين کان ڀلا ڪهڙو خوف!

ڪالهه مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو پس منظر پڻ ڏاڍو دلچسپ آهي. اهو ڏينهن بنگالي ٻولي واري تحريڪ جي مڃتا جي پسمنظر ۾ ملهايو ويندو آهي جنهن جي بنياد تي هي ملڪ ٻه اڌ ٿيو هو، اها سڀني کي خبر آهي ته گڏيل قومن جي اداري 21 فيبروري 1952ع تي ڍاڪا يونيورسٽي ۾ بنگالي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ واري تحريڪ ۾ مارجي ويل بنگالي شاگردن جي قربانين کي مان ڏيندي 21 فيبروري کي سال 1999ع کان مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن طور ملهائڻ شروع ڪيو.

ستم ظريفي جو عالم اهو آهي ته باوجود ان جي ته گڏيل قومن مادري ٻولين کي عالمي ڏينهن قرار ڏنو آهي پر پاڪستان ان اداري جو ميمبر ملڪ هئڻ باوجود پنهنجين مادري ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو نٿو ڏئي.اسان ته اهو به چئو ٿا ته جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ، بنگالين جي مادري ٻولي کي قومي ٻولي طور تڏهن تسليم ڪري ها ته هي ملڪ به ٽٽڻ کان بچي وڃي ها. پر افسوس ته اسان جي اسٽيبلشمينٽ انهن خوفناڪ واقعن مان  هاڻي به پرائڻ لاءِ تيار نظر نٿي اچي. الٽو غلطين مٿان غلطيون ئي ڪري رهي آهي.

اصل ۾ ڏسجي ته هيءُ ملڪ گهڻ قومي ملڪ آهي مختلف ٻولين جو رنگ برنگي گلدستو آهي پر اسٽيبلشمينٽ انهن ٻولين جي گلدستي کي باغ بڻائڻ بدران ان کي اجاڙڻ ڏانهن وڃي رهي آهي جڏهن ته باقي دنيا پنهجين مادرين ٻولين کي مان ڏيندي ترقي جي راهه تي هلندڙ آهي. جڏهن ته ڀارت 1967ع ۾ ئي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏئي ڏيکاريو پر هتي جنهن سنڌ، پاڪستان ٺاهڻ جو سڀ کان اڳ ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو تنهن صوبي جي سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي ٿيڻ کان ملڪي اسٽيبلشمينٽ خائف آهي. ڀلا جيڪڏهن ڀارت سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو ته ان سان ڪهڙو هندي ٻولي جو وجود خطري ۾ پئجي ويو؟ بلڪل به نه ڇو ته اتي هر ٻوليءَ کي پنهنجو حق مليل آهي. هتي به مادري ٻولين کي قومي ٻولي بڻائڻ سان اردو ٻولي تي ڪو اثر نه پوندو.

هن خطي جي عجيب تاريخ رهي آهي. هتي هر دور ۾ حملي آورن ۽ حڪمرانن جي ٻولين کي سرڪاري ٻولي بڻائڻ جو رواج رهيو آهي. جڏهن هتي فارسيءَ کي سرڪاري ٻولي بڻايو ويو ته ڀٽائي صاحب ان کي رد ڪندي نه رڳو سنڌي ٻوليءَ ۾ شاعري ڪري ان کي زنده رکڻ ۾ آڪسيجن جو ڪردار ادا ڪيو پر خبردار ڪيو ته ”جي تون فارسي سکيو، گولو توءِ غلام“ يعني ڌاري ٻولي غلامي قبولڻ آهي. هاڻي به ساڳي صورتحال آهي. ڪجهه سال اڳ سي پيڪ جي معاهدي جي آجيان ڪندي چيني ٻولي کي هتي سرڪاري درجو ڏيڻ جو سوچيو پئي ويو.

سو اسان جو خيال آهي ته جيئن ٻين شين جا حق ٿيندا آهن تيئن ٻولين جا به پنهنجا بنيادي حق ٿيندا آهن. ٻولين کي پنهنجا حق ڏبا ته اهي نه رڳو زنده رهنديون پر ترقي به ڪنديون پر حيرت انگيز طور تي هتي قومن ۽ انهن جي ٻولين کان غير ضروري طور تي خوف کاڌو پيو وڃي. ان پسمنظر ۾ هي هر سال جو ملهائجندڙ مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن غير محسوساتي طريقي سان اهو خوف ختم ڪرائڻ جو ماحول پيدا ڪندو رهيو آهي.

  1. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ٽيسٽ جا به پرچا آئوٽ ٿيڻ لڳا!

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڪارڪردگي تي باوجود ان جي ته تمام گهڻي وقت کان تنقيد ٿي رهي آهي پر حيرت آهي ته ان جو سواءِ عوامي ۽ ميڊيا جي سطح تي ڪير به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي جنهن نتيجي ۾ سنڌ  جي ان بيحد اهم اداري جي ساک ڏينهون ڏينهن ڪرندي رهي ٿي.اها به حيرت جي ڳالهه آهي ته تعليمي ادارن ۾ ڪاپي واري لاڙي کي روڪرائڻ لاءِ هلندڙ مهم جو ته ڪو اثر نه پيو ٿئي پر هاڻي اهو لاڙو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڏانهن به وڌي چڪو آهي. جيڪا ڳالهه هاڻي يقيني طور تي برداشت کان ٻاهر آهي ۽ هاڻي ان جو هر لحاظ کان تدارڪ لازمي بڻجي ويو آهي.

اوهان ڏٺو ته 20 فيبروري تي سيڪنڊري اسڪولن جي استادن جي ڀرتي واري لکت ٽيسٽ جو سوال نامو رات ئي فيس بڪ تي ليڪ ٿي ويو جنهن سبب اهو امتحان ئي روڪيو ويو جنهن سبب ٽيسٽ ڏيندڙ هزارين نوجوانن جي محنت، تياري، وقت ۽ پيسو ضايع ٿي ويو. اهو ڪو معمولي نه پر انتهائي قيمتي نقصان آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي ته جيئن ئي پيپر ليڪ ٿيڻ سبب امتحان ملتوي ڪيو ويو ته انهن سڀني شهرن ۾ اميدوار سراپا احتجاج بڻجي ويا، جتي اهي امتحان ٿي رهيا هيا.

چوڻ جي حد تائين ته ان معاملي جي جاچ ۽ ذميوارن کي گرفتار ڪرڻ جي روايتي ڳالهه ڪئي وئي آهي پر هتي ان حوالي سان عام تاثر اهو آهي ته ان ۾ ننڍن ملازمن کي سوگهو ڪري انهن کي معطل ڪري کانئن قرباني ورتي ويندي پر مٿين ذميوارن کي ڪجهه به نه چيو ويندو ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سڀني کان اها ڳالهه وسري به ويندي.

پر حقيقت اها آهي ته هي بيحد حساس معاملو آهي.ان سطح تي پيپر جو ليڪ ٿيڻ انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، تنهن ڪري نئين ٺهندڙ سنڌ حڪومت کي ان پاسي به سنجيدگي سان ڏسڻو پوندو. اصولي طور تي ته پندرهن سال کان پ پ جي سنڌ ۾ لاڳيتي حڪومت رهي آهي، ايتري عرصي ۾ ان جي ادارن تي باقاعدي ڪنٽرول هئڻ گهربو هو، ڪنٽرول مان مراد آهي ته سٺو انتظامي ڍانچو ٺهي چڪو هجي ها، ها پر اسان جي حڪومت جي ادارن ڏانهن خاص توجهه نه هوندي آهي جنهن سبب مجموعي طور تي اسان جا ادارا غير فعال، ڪمزورين  ۽ نقص سان ڀريل ملندا آهن.

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان جو سوال نامو سوشل ميڊيا تي ظاهر ٿيڻ به ان اداري جي بدانتظامي آهي جنهن جو سخت نوٽيس وٺڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته ادارن تي پوءِ تهمتون لڳن ٿيون. چوڻ وارا چون ٿا ته پيسن تي نوڪريون ڏيڻ لاءِ اهي پيپر آئوٽ ٿيڻ ٿا ۽ جيڪڏهن نوڪريون پيسن تي ئي ڏيڻيون آهن ته پوءِ هي ٽيسٽون ڪرائن جي مشق ڇو؟ ان دانهن تي سوچڻو پوندو. اصل ۾ ڏوهه ادارن جو نه پر ادارن ۾ ڪم ڪندڙ عملدارن جو هوندو آهي. درست ماڻهو ادارن ۾ رکيا ويندا ته درست رخ ۾ ئي ڪم ٿيندو، ان تي سوچڻ جو ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.