اڏيرولال جي تعليمي نظام کي بچائڻ جي ضرورت

تحرير؛ شهزاد سڪندر ساهووال

هونئن ته سڄي اڏيرولال اسٽيشن ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن جي تعليمي نظام جو ٻيڙو ٻڏل آهي، ڪٿي اسڪولي بلڊنگ آهي ته استاد ناهن، ڪٿي استاد آهن ته اسڪولي بلڊنگن جي حالت خراب آهي، فرنيچر، باٿ روم ۽ پيئڻ جي پاڻي وارين سهولت نه هجڻ ڪري شاگرد سخت پريشاني ۽ مايوسيءَ جو شڪار آهن، سماج سڌارڪ ماڻهن ۽ تعليم دوست ڌرين جي احتجاجن کان پوءِ حڪومتي لاڳاپيل ڌرين جي تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري وارين دعوائن جي باوجود تعليمي نظام درست ناهي ٿي سگهيو، اڄ سون جي تعداد ۾ ٻار اسڪول اچن ئي نٿا، ڄڻ ته انهن ٻارڙن جي والدين جو تعليم واري پاسي کان ارواح ئي کڄي ويو هجي، هتي بار بار پ پ جي اميدوار جي کٽڻ جي باوجود انهن به تعليم جي سڌاري طرف ڪو خاص توجهه ناهي ڏنو، جنهن ڪري ٻارڙا تعليم جهڙي نعمت کان محروم آهن.

آئون هتي ڳالهه ڪندس اوڏيرولال ويجهو يونين ڪائونسل ڀائو خان پٺاڻ جي ڳوٺ علو پليجو جي گرلز پرائمري اسڪول جي ته ان اسڪول جي بلڊنگ کي ٺهڻ کان وٺي تعليم کاتي ائين ننڌڻڪو ڪري ڇڏيو آهي جو اهو مال جي واڙي ۾ تبديل ٿي ويو آهي، ضلعي مٽياري جي تعليم کاتي جي بي ڌياني سبب ان اسڪول ۾ مينهون ٻڌل نظر اچن ٿيون، هي اسڪول فنڪشنل نه ٿيڻ ڪري هتي جي معصوم سوين نياڻيون تعليم جهڙي زيور کان مڪمل طور تي محروم بڻجي ويون آهن، ڳوٺاڻن ۽ علائقي واسين پاران لاڳاپيل اختيارين کي بار بار درخواستون ڏئي شڪايت ڪرڻ جي باوجود تعليم کاتي هن اسڪول ڏانهن ڌيان ناهي ڏنو، جنهن ڪري هي اسڪول هن وقت مقامي بااثر ماڻهن جي قبضي هيٺ آهي ۽ ان ۾ جانور کي ٻڌو پيو وڃي.

ان سلسلي ۾ علائقي جا سماج سڌارڪ ماڻهو ڳڻتي ۾ گهيريل آهن، ڳوٺ جي سماج سڌارڪ اڳواڻن عبدالرشيد ۽ فضل باريجو پنهنجا ويچار ونڊيندي ٻڌايو ته نياڻين جي تعليم لاءِ ڄاڻايل اسڪول جيئن ئي ٺهيو آهي، تڏهن کان ئي هن اسڪول ۾ نه فرنيچر ڏنو ويو ۽ نه ئي اسڪول ۾ استاد مقرر ٿي سگهيا آهن، اسڪول جي بلڊنگ ٺهڻ کي پوءِ ڪافي سالن کان بند هجڻ سبب بلڊنگ هاڻي زبون حالت ۾ هلي وئي آهي، مالڪي نه ٿيڻ ڪري علائقي جي بااثرن هن اسڪول جي بلڊنگ تي قبضو ڪري ويو آهي، اسڪول جي ڪمرن ۾ بھ رکيو ويو آهي ۽ اسڪول جي آڳر ۾ جانور ٻڌي هن اسڪول کي مال جي واڙي ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، جنهن سبب سوين نياڻين جي تعليم داءُ تي لڳي چڪي آھي. ڳوٺاڻن ان سلسلي ۾ بار بار تعليم کاتي مٽياري کي شڪايتون ڪيون آهن پر تاحال اسڪول چالو نه ٿي سگهيو آهي ۽ اسڪول هن وقت واڙي ۾ تبديل ٿي چڪو آھي.

ساڳئي يونين ڪائونسل ڀائو خان پٺاڻ جي ڳوٺ محب پليجو جو مڊل پرائمري اسڪول پڻ 10 سالن کان بند پيل آهي، جنهن ڪري ڳوٺ محب پليجو جي سوين ٻارڙن جي تعليم پڻ داءُ تي لڳي چڪي آهي، تعليم کاتي جي اهڙي تعليم دشمن رويي سبب هتان جي ڳوٺن جي تعليم تباهه ٿي چڪي آهي، ڳوٺاڻن ۽ سماج سڌارڪ ماڻهن جي وڏين ڪوششن باوجود به تعليم جي نظام کي بهتر نٿو ڪيو وڃي، جنهن ڪري نئون نسل تعليم جهيڙي نعمت کان محروم رهجي اونداهي واري دور ڏانهن ڌڪجي رهيو آهي، جنهن تي تعليم دوست ڌرين ۽ سماج سڌارڪن ۾ مايوسي پکڙيل آهي.

جهولي لال ڊگري ڪاليج اوڏيرولال اسٽيشن جو هلندڙ ڪم به اڌ ۾ بند ٿي ويو آهي، ٺيڪيدار ڪاليج لاءِ آيل مٽيريل رات پيٽ ۾ واپس کڻائي رهيو آهي، ڪجهه وقت اڳ ڪروڙين روپين جي ماليت سان ڊگري ڪاليج جي عمارت ٺهڻ شروع ٿي هئي، چند مهينا ڪاليج جو ڪم هلندي هلندي ٺيڪيدار ڪم کي پيسا نه ملڻ جو جواز ڄاڻائي بند ڪري ڇڏيو ۽ رات پيٽ ۾ ڪاليج جي اڏاوت لاءِ پيل لوهه، ريتي، پٿر ۽ ڪريش کڻي ٻئي پاسي منتقل ڪرائي رهيو آهي، جنهن تي علائقي واسين سخت احتجاج ڪيو.

تعلقي مٽياري ۾ تعليم کاتي جي بي ڌياني ۽ لاپرواهي سبب ڪيترا ئي اهڙا به اسڪول آھن، جيڪي هن وقت به کوڙ سارن مسئلن ۾ وڪوڙيل آھن، جڏهن ته ڪيترائي اسڪول اهڙا به آهن، جتي فرنيچر سميت استادن جي شديد کوٽ برقرار آهي، اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون نه هجڻ سبب ان جا اثر هتان جي غريب شاگردن تي پئجي رهيا آهن، غربت هجڻ سبب هتان جو شاگرد پرائيويٽ تعليم نٿو پرائي سگهي، تنهن ڪري تعليم کاتي کي فوري طور تي هتان جي ڳوٺن جي تعليمي نظام ڏانهن ڌيان ڏئي تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي بچائڻ لاءِ سنجيدگي سان ڪم ڪرڻ گهرجي جيئن اڏيرو لال اسٽيشن ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن جو نوجوان نسل تعليم پرائي علائقي جي خدمت ڪري سگهي، بند پيل اسڪولن کي جلد کوليو وڃي، انهن ۾ بنيادي سهولت فراهم ڪيو وڃن، جيتوڻيڪ مٽياري ۾ تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ هر مهيني بجيٽ جاري ٿئي ٿي، پر اها ڪاغذن ۾ خرچ ٿي وڃي ٿي، تنهن ڪري هتان جي اسڪولن لاءِ ايندڙ فنڊن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جي جاچ ڪرائي ڪرپشن ۾ ملوث تعليم دشمن عنصرن کي سوگهو ڪري سخت سزا ڏني.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.