سنڌ جي نوجوانن ۾ پکڙيل مايوسي ۽ ميرٽ جو قتلام

تحرير؛ محمد اظهر رند

سنڌ جتي هر طرح سان مشڪلاتن ڏکيائين کي منهن ڏي رهي آهي اتي هر ادارو تباهي بربادي ڪريپشن رشورت جي رخ چڙهي وئي آهي هتان جي عوام کان تعليم روزگار کاڌ خوراڪ اجهو کسيو ويو آهي جنهن جي ڪري نوجوانن جي چهرين تي مرڪن بدران مايوسي پکڙيل آهي.

هن ملڪ جي خاص طور تي سنڌ صوبو تباهي بربادي جي وڙ چڙهي ويو آهي اسان جي شعور جو قتلام جو ذميوار ڪير آهي ؟ ان جو جواب ڪير ڏيندو هتان جو شعور ڪنهن کان سوال ڪري جيڪو شاگرد 16 سال زندگي جا تعليم حاصل ڪرڻ کي ڏي ۽ ان کي ميرٽ  اميد جو آسرو هجي ته مان ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ميرٽ تي نوڪري حاصل ڪندو پر هتي حڪمران سنڌ کي 15 سالن کان پ پ جي حڪومت تباهي طرف ڌڪيو آهي نوڪريون بازار ۾ وڪرو ٿينديون پيون وڃن ان جو ازالو ڪير ڪندو آخر سنڌ جي نوجوانن جو ٿيندڙ شعوري قتل جو آخر ڇا ٿيندو ؟

هتي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ادارو سراسري طور تي نوجوانن جي جذبن جو قتل ڪري پيو ان جو ازالو ڪير ڪندو ان کان حساب ڪير وٺندو سنڌ ۾ هر هڪ ادارو تباهي طرف جي منهن ۾ آهي هر طرف تباهه برباد ڪيو پيو وڃي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ادارو جيڪو جيڪو پنهنجي چالان فيس به وٺي ٿو ان مان به سالانا ڪروڙين جي آمدني اچي پئي ان جي باوجود ان اداري کي بزنيس ڪري نوڪريون جون ٻوليون لڳن ٿو جيڪي لکين ۾ ٿين ٿيون ان ۾ برابري ۾ حڪمران به شريڪ آهن سنڌ جو شعور اڳئي تعليم ۾ پوئتي آهي انهن جي مستقبل سان نه راند مذاق نه ڪيو وڃي انهن ظلمن آفيسرن خلاف ڪا قانوني ڪاروائي ٿي سگهندي يا ايئن سنڌ جي شعور سان پيپر آوٽ ڪري انهن جي تذليل ٿيندي رهندي آهي ان جو حساب ڪير وٺندو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي پيپر آوٽ جو ادارو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي ان ۾ ۾ ڪمپوٽر آپريٽر ڪلارڪ پٽيوالو کي ملوث قرار ڏنو ويو آهي ڇا هن اڏي وڏي ٿيندڙ مسئلي ۾ ننڊا ملازمن کي سزا ڇو انهن ۾ هن اداري جي ڊائريڪٽر ايڊمن امتحان جو ڪنٽرولر به هن ڪيس ۾ ضرور انهن نالو شامل ڪري شاف شفاف طرح سان انڪوائري ڪرڻ ۽ انهن خلاف قانوني ڪاروائي عمل ۾ آڻڻ گهرجي ته جئين سنڌ جي مستقبل سان ڌوڪو ڪندڙ مافيا جا پاڙيون ختم ڪيون وڃن.

هن اداري ۾ هن وقت ساک مڪمل طور ته ختم ٿي وئي آهي هن اداري جو جواب ڪي لکين روپين ۾ وڪرو ٿين ٿيون ۽ زباني امتحان ۾ به سفارش ۽ڏوڪڙين سان نوڪريون ڏنيون پيون وڃن  سنڌ ۾ هڪ کان چار اسڪيل واريون نوڪريون ايم پي اي جي ڪوٽا حوالي ڪيو ويو آهن ته پوءِ انهن جا آشتهار آخبارون ۾ ڏي ڪري سنڌ جي نوجوانن کي پريشان ڪيو پيو وڃي هاڻي سنڌ جو نوجوان ۾ جيڪا مايوسي پيدا ٿي وئي آهي ته ميرٽ ته نوڪري نه ٿي ملي ته اڄ  جو والدين پنهنجي پٽ کي ڪيئن پڙهائي اعلي تعليم جون ٽيسٽون به انهن جا پرچا ليڪ ٿيون وڃن آّخر سنڌ جي شعور جو ڇا ٿيندو آخر سنڌ ۾ اهڙي حڪمراني اچي جيڪا ميرٽ ته نوڪريون تعليم داخل ۾ سڌارئڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ نوجوانن ۾ پکڙيل مايوسي ختم ٿي سگهي .

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.