ڇا ايس پي ايس سي پنهنجي ساک بچائي سگهندي 

تحرير؛ منصور نظاماڻي

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ادارو ڪو اڄ ڪلهه جو نه آهي. پر هي پاڪستان جي ٺهڻ کان به اڳ ۾ پنهنجون سرگرميون سر انجام ڏئي رهيو آهي جيڪو ڪنھن وقت ۾ هڪ بهترين ادارو تصور ڪيو ويندو هو. جنھن جي ذريعي سنڌ جي سرڪاري ادارن ۾ غريب هاري، مزدور، مڊل ڪلاس جو نوجوان پنهنجي تعليمي معيار صلاحيت، قابليت ۽ پنهنجي اڻ ٿڪ محنت سان وڏن وڏن عهدن تي فائز ٿي چڪا آهن.

پر بد قسمتي سان 15 سالن کان سنڌ تي قابض هڪ نام نهاد جمهور پسند ٽولي جيڪو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو حشر نشر ڪيو آهي. اُهو ڪنھن کان به لڪيل ناهي. جي اسان سولي سنڌي ۾ اھو چئون ته هي ادارو هاڻ  هڪ وانگاري اداري طور ڪم ڪري رهيو آهي. ته اُهو بيجا نه ٿيندو اُن سان گڏو گڏو  سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ انسان جي روپ ۾ بگهڙ نما ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا آهن. جيڪي پئسي جي هوس خاطر  ايجنٽ مافيا، ڪميشن مافيا، سفارشي ۽ اقربا پروري جي مڪمل ڪنٽرول ۾ آهن.

اُنھن ئي ماڻھن هيڏي وڏي ساک واري اداري ۾ پنهنجو دڪان کولي ڇڏيو آهي ۽ بدقسمتي سان نوڪرين جي ٻولي لڳائي وَڃي ٿي جنهن سان هڪ غريب پڙهيل لکيل نوجوان جو حق ماريو وڃي ٿو. ان ڪري ئي هن هيڏي وڏي اداري تي هر ڪميشن ٽيسٽ  کان پوءِ آڱر کنئي وَڃي ٿي جيڪا اداري جي لاءِ نه پر سنڌ جي جڳ رسائي جو سبب بڻجي رهي آهي. جنهن سان سنڌ جي ادارن جي بابت هڪ منفي سوچ جنم وٺي رهي آهي. جيڪو سنڌ  لاءِ ڪو سٺو سوڻ ناهي

اچو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بابت ڪجھه  جائزو وٺون ته ھي ادارو هن مهل ڪيئن ڪم ڪري رهيو آهي.

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جون ٻه  مکيه برانچون آهن. 1: انفارميشن سسٽم برانچ (IS Branch). ويجهي ماضيءَ ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ترقيءَ ڏانهن وک وڌائيندي جديد ڪمپيوٽرائزڊ طريقا اختيار ڪيا آهن. آءِ.ايس برانچ پاران ’آئن لائين ايپليڪيشن فارم‘ متعارف ڪيو ويو آهي، جنهن تحت ڪو به اميدوار ڪٿان به ويهي مشتهر ٿيل آساميءَ لاءِ درخواست رجسٽر ڪرائي سگهي ٿو. جنهن سان وقت ۽ پئسي جي بچت پڻ ٿئي ٿي. ان کان سواءِ ڊائريڪٽر آءِ. ٽي پاران ڪمپيوٽرائزڊ مشين (OMR) ذريعي امتحاني پيپر (MCQ) چڪاسڻ جو بندوبست پڻ ڪيو ويو آهي،

انفارميشن سسٽم برانچ جون اهم مکيه ذميواريون هن ريت آهن: • خالي آسامين جا اشتهار ڏيارڻ.• آن لائين درخواستون وصول ڪري انهن جي جانچ پڙتال ڪرڻ.• ٽيڪنيڪي مسئلن بابت اميدوارن جي رهنمائي ۽ مدد ڪرڻ.• آئن لائين پورٽل ذريعي لکت ٽيسٽ ۽ انٽرويو جا خط موڪلڻ.• چونڊيل ۽ رد ٿيل اميدوارن بابت فهرستون تيار ڪرڻ.• ايگزامنيشن برانچ سميت ڪميشن جي ٻين شعبن جي معاونت ۽ سهڪار ڪرڻ.• ڀرتيءَ واري عمل کي آسان ۽ شفاف بنائڻ.• آپٽيڪل مارڪ ريڊر (OMR) ذريعي جوابي ڪاپين جي چڪاس ۽ ايگزامنيشن برانچ جي نگرانيءَ ۾ نتيجا تيار ڪرڻ.• ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ ذريعي نفسيات جي ماهر جي معاونت ڪرڻ.

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ٻي اهم مکيه برانچ جيڪا هيٺ ڏجي ٿي جنهن جو سڀ کان وڏو ۽ اهم رول آهي.  2. ايگزامنيشن برانچ (امتحان واري شاخ): سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ قائم هن اهم شعبي جون ٻه شاخون آهن.

(1) ايگزامنيشن برانچ- I: هي شعبو جيئن ته مخفي ۽ حساس نوعيت جو آهي، جنهن جو مکيه ڪم مقابلي/چٽاڀيٽيءَ وارا امتحان منعقد ڪرڻ آهي. هن شاخ تحت پي. سي. ايس يعني صوبائي سول سروس جو امتحان اُن جو مکيه ڪم مقابلي/چٽاڀيٽيءَ وارا امتحان منعقد ڪرڻ آهي. هن شاخ تحت پي. سي. ايس يعني صوبائي سول سروس جو امتحان (CCE)؛ چٽاڀيٽيءَ وارو امتحان ۽ ٻيا عام آسامين لاءِ ٿيندڙ لکت وارا ۽ پيشوراڻا امتحان منعقد ڪرايا وڃن ٿا.

(2) ايگزامنيشن برانچ- II: هن شاخ جون مکيه ذميواريون هن ريت آهن:

  • چيئرمين ۽ ميمبر (ايگزامنيشن) جي منظوريءَ کانپوءِ سوالي پيپر تيار ڪندڙ ماهر ۽ ممتحن چونڊڻ.• سوالي پيپر تيار ڪندڙ ۽ مُمتحن مقرر ڪري، پيپر جي وقت سر تياري، محفوظ ۽ مخفي طريقي سان پهچائڻ بابت خاص هدايتون جاري ڪرڻ. امتحان جي مقرر تاريخ تائين سوالي پيپرن جي اداري اندر حفاظت ڪرڻ. ميمبر (ايگزامنيشن) جي مشاورت سان ڪو به ٻيو ميمبر مقرر ڪري حتمي سوالي پيپر تيار ڪرڻ. امتحان لاءِ تاريخ ۽ شيڊول ڏيئي مختلف امتحاني مرڪز جوڙي ميمبر (ايگزام) جي معرفت چيئرمين کان منظوري وٺڻ. ميمبر (ايگزام) جي منظوريءَ سان ميمبر (انوجيليشن)، چيف انوجيليٽر، سپروائيزر، انوجيليٽر ۽ ٻيو عملو مقرر ڪري امتحاني مرڪزن بابت هدايتون جاري ڪرڻ. پيپرن جي ورهاست بعد مقرر وقت تي جوابي ڪاپيون وصول ڪرڻ ۽ حفاظت سان مرڪزي آفيس پهچائڻ. جوابي ڪاپين جي وقت سر چڪاس ڪرڻ/ لاڳاپيل ماهرن کان ڪرائڻ. نتيجا تيار ڪري، اهل اميدوارن کي انٽرويو لاءِ گهرائڻ ۽ ان کان اڳ نتيجن بابت پريس رليز جاري ڪرڻ. انٽرويو منعقد ٿيڻ کانپوءِ قابل ۽ اهل اميدوارن جا نالا، چيئرمين ۽ ميمبر (ايگزام) جي منظوريءَ بعد لاڳاپيل کاتي ۾ مقرريءَ سفارش ڪرڻ.

مجموعي طور امتحاني ونگ سموري امتحاني عمل لاءِ ذميواريءَ سان رٿا بندي ۽ بندوبست ڪندي آهي. ان سموري عمل جي نگراني چيئرمين ۽ ميمبر (ايگزامنيشن) ڪندا آهن. انٽرويو لاءِ ڪميٽيءَ ۾ چيئرمين يا ڪميشن جو ڪو به ميمبر ۽ لاڳاپيل کاتي/اداري جو هڪ ماهر شامل هوندو آهي.مٿي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ٻن برانچن جو تفصيلي جائزي مطابق

امتحاني ونگ سموري امتحاني عمل لاءِ ذميوار آهي.

هن تازي ٿيندڙ سيڪنڊري اسڪول ٽيچر (ايس ايس ٽي ) ٽيسٽ ۾ بيضابطگين ۽  پيپر جو آئوٽ ٿِيڻ تي سڄي سنڌ سراپا احتجاج ڪري رهي آھي. ۽ اسان جا نوجوان روڊن تي ڌرڻا هڻي دانهون ڪري رهيا آهن. هي اهي ئي نوجوان آهن جن ڏينھن رات هڪ ڪري پنهنجي امتحاني تياري ڪري پنهنجي روشن مستقبل لاءِ ريلن، بسن، رڪشائن ۽ ٽيڪسين جا وڏا ڪرايا ڀري ڌڪا کائي حيدرآباد، ڪراچي، سکر ۽ لاڙڪاڻي وارن ايگزامنيشن سينٽرن تي اُن آس ۽  اميد سان پهتا ھوندا ته اسان به استاد ٿي هن قوم ۽ ملڪ جي خدمت ڪنداسين هاڻ اُن جو ازالو ڪير ڪندو اُن سوال جو جواب ڪير ڏيندو.

پر جي اسان هن سڄي واردات جو هڪ مڪمل جائزو  وٺون  ته اُن جو  سڄو بار سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحاني ونگ مٿان لاڳو ٿئي ٿو ته اھڙو ڪريل عمل ڇو ۽ ڇا لاءِ ٿيو.

جڏهن ته  امتحاني ونگ جي اها  هڪ اهم ذميواري آهي ته پيپر جي تياري، ڇپائي، اُن کي خفيه رکڻ، امتحاني سينٽرن تي پيپر کي پنهنجي حفاظت سان پهچائڻ جو ذمو اُن جي مٿان لاڳو ٿئي ٿو. جيڪو هو پورو نه ڪري سگهي.

هن ڏوهه ۾ ملوث سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي هيٺين عملي کي تفتيش جي دائري ۾ آندو وڃي.   1.چيئرمين ۽ ميمبر (ايگزامنيشن)،  2.سوالي پيپر تيار ڪندڙ ماهر، 3. اُھي ڪمپوزر جنهن پيپر ڪمپوز ڪيا، 4. پيپر جي ڇپائي تي مامور عملو، 5. اداري ۾ پيپر جو حفاظتي عملو ، 6. ايگزامنيشن سينٽر تي پيپر جي رسائي وارو عملو. ۽ هر اُن ماڻهو کان آڏي پڇا ڪئي وڃي جيڪي اُن عمل ۾ سڌا يا اڻ سڌا ملوث آھن. اُنھن سڀني کي قانون جي دائري ۾ آڻي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ اُنھن کي سخت کان سخت سزا ڏئي عبرت جو نشانو بڻايو وڃي ته جيئن آئيندي ڪنھن محنتي پڙهيل غريب نوجوان جو حق نه کسيو وَڃي.

باقي محض هڪ نوٽيفڪيشن ڪڍي ڪجهه عملي کي معطل ڪرڻ سان هي مسئلو حل ڪون ٿيندو.  يا پيپرن کي ڪينسل ڪري تاريخ کي وڌائڻ سان ٻرندڙ باھ کي ڪجهه وقت جي لاءِ توهان هلڪو ڪري سگھو ٿا پر مڪمل طور اجهائي نه ٿا سگهو. خدارا اُنھن تعليم يافته  نوجوانن کي ايئن مايوس  نه ڪريو. هي نوجوان ئي اسان جي ملڪ جو هڪ وڏو اهم سرمايو آهن. اُنھن کي جلد کان جلد انصاف ڏئي سنڌ جي لڄ رکو ۽ اداري جي وڃايل ساک کي بحال ڪريو جيئن اُنھن تعليم يافته  نوجوانن جي بيچيني ختم ٿئي.  نه ته ياد رکو هي پڙهيل لکيل نوجوان جنھن جو رت اڃان گرم آهي. جيڪي پنهنجي حق لاءِ هاڻ هو ڪنهن به حد تائين وڃِي سگهن ٿا. جنهن جا ذميوار پوءِ اوھين پاڻ ھوندا.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.