قومي تحريڪ ۽ قومپرست سياست خلاف هلندڙ روايتي پروپئگنڊا

تحرير: عبدالخالق جوڻيجو

قومي تحريڪ سنجيدگي گھري ٿي.اھو رواج وڌندي وڌندي فيشن بڻجي ويو آھي ته ڪنھن ھڪ واقعي کي بنياد بڻائي سنڌ جي سموري قومي تحريڪ ۽ قومپرست سياست خلاف پروپئگنڊا ڪئي وڃي ٿي. اھڙا ماڻھو خبر ناھي ڪھڙي ايجنڊا تي ڪم ڪري رھيا آھن. اھي سوچي سمجھي اھو عمل ڪري رھيا آھن يا اڻڄاڻائيءَ  ۾ ڪنھن حڪمت عملي جو حصو بڻجي رھيا آھن؟

ان کان وڌيڪ سنڌ دشمن حڪمرانن لاءِ  بھتر ٻي ڪا ڳالھه نٿي ٿي سگھي ته قومي تحريڪ کي بدنام ڪجي ۽ سنڌي عوام جو ان تان اعتماد ختم ڪيو وڃي. انساني زندگيءَ  جي ھر ڪم ۽ ھر عمل وانگر قومي تحريڪ ۾ به ڪمي ڪوتاھي ۽ غلطي ٿي سگھي ٿي پر ان کي سڌارڻ جو طريقو ۽ رستو اھو آھي ته واسطيدار ڪردارن جي نشاندھي ڪري سياسي ٻوليءَ  ۾ ان جو تجزيو ڪجي، ملن وانگر فتوا بازي نه ڪجي ۽ غداريءَ  جا سرٽيفڪيٽ جاري نه ڪجن. ساڳئي وقت پروپئگنڊا ڪندڙ فرد/گروهه کي پنھنجي به سڃاڻپ ڪرائڻي پوندي ته اھو ڇا آھي ۽ ان پاڻ سنڌ جي قومي تحريڪ لاءِ  ڪھڙو ڪردار ادا ڪيو آھي.

سنڌ ڪالونيلزم ۽ فيوڊلزم جي ٻٽي جبر ھيٺ گھاري رھي آھي. ان ۾ تڪليف ڏيندڙ واقعن جو امڪان سدائين موجود رھي ٿو. سنجيدگيءَ  جي تقاضا آھي ته واقعن جي پويان قومي تحريڪ کي نه ڊوڙائجي پر قومي تحريڪ جي اجتماعي ڪردار ۽ دائري ۾ واقعن کي ڏسجي ۽ پرکجي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.